98

ٽيسلا بوٽ-روبوٽ جيڪو انسانن جا گھرو ڪم ڪار ڪندو…

ليکڪ: الطاف ابڙو

انسان فطري طور ٿوري وقت ۾ گھڻو ڪم ڪرڻ چاهي ٿو ته جيئن هو باقي وقت پنهنجي گھر ۽ ٻين سرگرمين کي به ڏئي سگھي ۽ ان سلسلي ۾ هن کوڙ ساريون ايجادون ڪيون آهن ۽ اهو سلسلو اڃا به جاري آهي، ان حوالي سان جتي وڏا ۽ ڏکيا ڪم ڪرڻ لاءِ مختلف ايجادون ڪيون پيون وڃن ۽ مصنوعي ذهانت سميت مختلف ٽيڪنالاجيز کان ڪم ورتو پيو وڃي اتي انسانن جي ننڍن ڪمن ڪارين لاءِ مختلف تجربا ۽ تحقيقات جاري آهي ۽ انسان پنهنجن ڪيترن ئي ننڍن ڪم ڪارين لاءِ ٻين شين کان سواءِ روبوٽس جي تياري جون ڪوششون به ڪري رهيا آهن. ان سلسلي ۾ دنيا جي هڪ وڏي ڪمپني پڻ اهڙي روبوٽ جي تياري ۾ مصروف آهي جيڪو انسانن کي پنهنجن ننڍن ڪم ڪارين جي فڪر کان آجو ڪري ڇڏيندو.  تازو ئي ٽيسلا جي چيف ايگزيڪيوٽو ايلن مسڪ اعلان ڪيو آهي ته امڪان آهن ته سندن ڪمپني ٽيسلا ايندڙ سال مارڪيٽ ۾ هڪ اهڙو روبوٽ آڻي جيڪو ماڻهن جا اهي سمورا ڪم ڪار ڪري سگھندو جيڪي انهن کي ٿڪائيندڙ لڳن ٿا، جڏهن ته ايلن مسڪ اهڙو به اعلان ڪيو آهي ته اهي روبوٽس ڪي گھڻا مهانگا به نه هوندا پر اهي هڪ عام ماڻھو جي قوت خريد وٽان هوندا. روبوٽس جي ان فارميٽ کي ”ٽيسلابوٽ“ جو نالو ڏنو ويو آهي. هي روبوٽ اهڙا سمورا خطرناڪ ۽ ورچائيندڙ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي،  جن ۾ ماڻهن جي اڪثريت هٿ وجھڻ  پسند نٿي ڪري. ٽيسلا جي اَي آءِ ڏهاڙي بابت تقريب کي خطاب ڪندي ٽيسلا جي چيف ايگزيڪيوٽو ايلن مسڪ چيو ته،”هي روبوٽ پنج فٽ اٺ انچ ڊگھو هوندو، جيڪو پاڻي جي مدد سان گاڏي ۾ بولٽ لڳائڻ کان وٺي راشن جي دڪان تان راشن آڻڻ جهڙا ڪم به ڪري سگهندو، ٽيسلا جي چيف ايگزيڪيوٽو  جو چوڻ هو ته،”هي روبوٽ معيشت تي گهرا  اثر وجھڻ وارو آهي،“ هن اهو به واضح ڪيو ته،”ضروري آهي ته هن مشين کي تمام گھڻو مهانگو نه بنايو وڃي.“ ٽيسلا طرفان اي آءِ تقريب اهڙي وقت ۾ ٿي رهي آهي، جڏهن ته ٽيسلا جي مڪمل خودڪار گاڏي جي لاءِ تيار ڪيل ڊرائيور  اسسٽنٽ سسٽم جي حفاظت ۽ وڌندڙ صلاحيتن جي جي جاچ پرک جاري آهي. ايلون مسڪ ٽيسلا جي ٽيڪنالاجي باري ۾ جاري مباحثن تي ڪو به  تبصرو نه ڪيو آهي پر هن چيو ته کيس خاطري آهي ته گاڏين جي اندر  ڪئمرائن ۽ ڪمپيوٽرن  جي مدد سان انسان جي ڀيٽ ۾ مڪمل آٽوميٽڪ ڊرائونگ سسٽم وڌيڪ محفوظ ۽ بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري سگھندو. مسڪ ٽيسلا  جي ٽيڪنالوجي جي باري ۾ ڪافي ٻيون به دعوائون ڪيون آهن.  هن ئي هفتي آمريڪا ۾ سيفٽي ريگوليٽرز وارن ٽيسلا جي ڊرائيونگ اسسٽنٽ سسٽم جي پرک شروع ڪئي آهي.تحقيق  ان حادثن کان پوءِ شروع ڪئي وئي جنهن ۾ ٽيسلا رستي ۾ بيٺل پوليس گاڏين ۽ فائر برگيڊ جي ٽرڪن سان وڃي ٽڪرائي هئي. ٻن آمريڪي سينيٽرن فيڊرل ٽريڊ ڪميشن کان به مطالبو ڪيو  آهي ته اهي ٽيسلا جي مڪمل آٽوميٽڪ نظام جي دعويٰ جي جاچ ڪن. انهي تقريب ۾ ٽيسلا پنهنجي ڪمپني ۾ ڊزائن ڪيل تيز رفتار ڪمپيوٽر  ڊوجو ۾ استعمال ٿيندڙ چِپون به ڏيکاريون جنهن سان ان خودڪار ڊرائيونگ سسٽم کي تيار ڪيو ويندو. ايلن مسڪ اهو به چيو ته ڊوجو  ايندڙ سال آپريشنل ٿي ويندو. هن اهو به انڪشاف ڪيو آهي ته ٽيسلا آٽوميٽڪ ڪمپيوٽرز  لاءِ نئون هارڊ ويئر آڻيندو جيڪو پنهنجي سائبرٽرڪ، اليڪٽرڪ پڪ اپ ٽرڪ کي هلائيندو، جولاءِ ۾ ٽيسلا  سائبرٽرڪ جي لانچنگ کي اڳتي وڌائي ڇڏيو هو ۽ اهو به نه ٻڌايو هو ته اهي ڪو ان کي سڌي طرح بازار ۾ آڻڻ جي اميد ڪري رهيا آهن. ايلن مسڪ اڪثر اهڙن ڪيترن ئي تقريبن ۾نئين ٽيڪنالاجي جي باري ۾ دعويٰ پئي ڪئي آهي، هي ڪئين ڀيرا اهڙا اعلان ڪري پوئتي به هٽندو رهيو آهي. هن وقت ٽيسلا جي سيلف ڊرائيونگ سسٽم جي محفوظ هئڻ يا نه هئڻ بابت سوال ڪيا پيا وڃن. جڏهن ته هن وقت اهڙا سوال به اٿي رهيا آهن ته ڇا روبوٽ جي باري ۾ مسڪ جيڪي ڳالهيون چيون آهي سي سڀ صحيح ثابت ٿينديون؟ ڪارنيگي ميلن يونيورسٽي ۾ اليڪٽرڪ ۽ ڪمپيوٽر انجئينرنگ جي پروفيسر  راج راجڪمار پڇيو آهي ته،“ڇا ٽيسلابوٽ ڪو نئون خواب آهي جنهن کي مشين جي پبلسٽي کي هٿي ڏيارڻ لاءِ منظر عام تي آندو ويو آهي؟“ هن اهو به چيو آهي ته“ آئون اهو ڀروسي سان ٿو چئي سگهان ته دڪان تان وڃي توهان جي لاءِ راشن آڻڻ وارو روبوٽ تيار ڪرڻ ۾  دنيا جي ڪنهن به ڪمپني کي اڃا به گھٽ ۾ گھٽ 10 سالن کان به وڌيڪ وقت لڳي سگھي ٿو.“ هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته پروفيسر راج راجڪمار ۽ ٽيسلا جي دعوائن مان وقت ڪنهنجي دعويٰ کي صحيح ٿو ثابت ڪري.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو