104

ڪراچي سرڪلر ريلوي جي بحالي، منزل ويجهڙي آهي

ڪراچي عربي سمنڊ جي ڪناري تي پاڪستان جو وڏو سامونڊي شهر ۽ ملڪ جو گيٽ وي آهي، هي سنڌ جي گادي جو هنڌ به آهي ته ملڪ جو سڀ کان وڏو بندرگاهه، واپاري سرگرمين جو مرڪز ۽ مالياتي حب پڻ آهي، جيڪو تقريبن 3600 چورس ڪلوميٽرن جي ايراضي تي پکڙيل آهي، پاڪستان ريلوي ڪراچي شهر مان سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ٿو ۽ ڪراچي ۾ ريلوي اسٽيشن مسافرن جي آمدني جو سڀ کان وڏو ذريعو آهي، ڊرگ روڊ اسٽيشن ۽ ڪراچي سٽي ريلو اسٽيشن روٽ به لاڳاپيل آهن، 1998ع کان هن عظيم شهر جي آبادي ۾ 4.2 سيڪڙو سالياني شرح سان واڌ ٿي رهي آهي ۽ اندازو آهي ته 2030ع تائين هن شهر جي آبادي 31.6 ملين کان وڌي ويندي، تيزي سان وڌندڙ آباديءَ جي ڪري شهر ۾ بنيادي سهولتن ۽ خاص طور تي ٽرانسپورٽ سسٽم تي سخت دٻاءَ آهي، جنهن کي اڃا تائين جديد طور تي منظم ناهي ڪيو ويو، اهو ئي سبب آهي ته هتان جو ٽرانسپورٽ سسٽم عوام جي وڌندڙ سفري ضرورتن کي پورو نٿو ڪري سگهي، 1964ع ۾ ڪراچي سرڪلر ريلوي کي ابتدائي طور تي 26.56 ڪلوميٽرن جي حصي ۾ ڊرگ روڊ ۽ وزير مينشن اسٽيشنن وچ ۾ غير اليڪٽرڪ ايٽ گريڊ سگنل ٽريڪ ريلوي طور هلايو ويو هو، 1970ع ۾ ان کي وزير مينشن کان ڪراچي سٽي تائين وڌايو ويو، روٽ جي ڪل ڊيگهه 29.36 ڪلوميٽر آهي، جنهن ۾ 16 اسٽيشنون ۽ 24 ليول ڪراسنگ آهن، ڪي سي آر ۾ مين لائين تي ڊرگ روڊ اسٽيشن کان شروع ٿئي ٿو ۽ شاهراهه فيصل پار ڪرڻ کانپوءِ اهو گلشن اقبال، گلستان جوهر، ناظم آباد، لياقت آباد، سائيٽ جي آبادي وارن علائقن کان گذرندو آءِ آءِ چندريگر روڊ تي ڪراچي سٽي اسٽيشن سان وڃي ملي ٿو. 1970ع ۽ 1980ع جي ڏهاڪن ۾ اهو ڪي سي آر شهر جي ٻين علائقن کان سائيٽ ايريا، ڪراچي بندرگاهه ۽ ان جي ڀرپاسي جي ڪاروباري ۽ واپاري علائقن تائين مسافرن جي اچ وڃ جو اهم ذريعو هو، 1985ع دوران ڪراچي سرڪلر ريلوي روزانو 93 ٽرينن ذريعي وڌ کان وڌ 6.4 ملين مسافرن کي سفري سهولتون ڏنيون، پوءِ1985ع کانپوءِ ان جي مسافرن جو انگ به گهٽجندو ويو، نيٺ ڊسمبر 1999ع ۾ ٽرئفڪ لاءِ ڪي سي آر بند ڪئي وئي، جيتوڻيڪ هي سسٽم شهر جي انتهائي اهم روٽن ۽ ٽرانزٽ ڪاريڊورز تي مسافرن کي سفري سهولتون فراهم ڪري رهيو هو، صرف اهو ئي نه پر محدود ۽ پٺتي پيل انفرااسٽرڪچر پبلڪ ٽرانسپورٽ سروسز جي تنزلي جي سطح سان گڏوگڏ ٻيا عمل مثال طور خراب ٽرئفڪ مئنيجمينٽ، جديد ماس ٽرانزٽ نيٽ ورڪ جي کوٽ به ڪراچي ۾ سفري مسئلن کي خراب ڪري رهي هئي، خاص طور تي نجي گاڏيون گذريل ٻن ڏهاڪن دوران بي تهاشا ۽ غير منظم ٽرئفڪ رش، غير ضروري دير، شور، فضائي گدلاڻ ۽ روزانو مرڪزي رستن تي مسافرن لاءِ مسئلن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ڪندي وئي، ڪراچي سرڪلر ريلوي جي بحالي ۽ جدت جي سفارش تقريبن سمورين ٽرانسپورٽ اسٽڊيز ۾ ڪئي وئي آهي ۽ ڊسمبر 1999ع ۾ بند ٿيڻ کانپوءِ گذريل ٻن ڏهاڪن دوران ڪراچي ۾ چرپر ۽ ٽرئفڪ جي حالتن کي بهتر بنائڻ لاءِ تيار ڪيل منصوبن ۾ ڪي سي آر سميت ڪراچي ۾ مال ريپڊ ٽرانزٽ جي ضرورت تي به زور ڏنو ويو آهي، جاپان انٽرنيشنل ڪوآپريشن اسٽريٽجي طرفان 2008ع کان 2013ع تائين هڪ جديد شهري ميٽرو ريل سسٽم جي طور تي ڪي سي آر جي بحالي ۽ ترقيءَ لاءِ هڪ جامع مطالعو ڪيو ۽ ان جي حتمي رپورٽ فيبروري 2013ع ۾ ڇپي وئي، ان منصوبي تي عمل نه ٿي سگهيو ۽ هڪ طرف ڊيلي مسافرن/پبلڪ ٽرانسپورٽ صارفين لاءِ حالتون اڃا به خراب ٿي ويون آهن ۽ ٻئي طرف ڪراچي سرڪلر ريلوي جي لاوارث روٽ تي اڏاوتون ۽ ناجائز قبضا مافيا پنهنجا پير مضبوط ڪري ورتا، نيٺ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ڪراچي سرڪلر ريلوي جي بحالي، انڊرپاسس ۽ هيڊ برجز جو انفرااسٽرڪچر ٺاهڻ جون هدايتون ڏنيون، ان ڏس ۾ ايف ڊبليو او کي انڊرپاسس جي تعمير جو ڪم ڏنو ويو، جيڪو هو پنهنجي تجربي ۽ مهارت جي بنياد تي 6 مهينن اندر مڪمل ڪري، عدالت جي هدايت تي پهرئين حصي جي تعمير لاءِ پاڪستان ريلوي فوري طور تي پنهنجون تياريون شروع ڪري ڇڏيون ۽ ڪي سي آر کي 19 نومبر 2020ع تي پپري کان ڪراچي شهر (50 ڪلوميٽرن) تائين آپريشنل ڪيو ويو آهي، ڪراچي شهر کان اورنگي اسٽيشن تائين وڌيڪ 14 ڪلوميٽر ڊگهو ٽريڪ به تيار ڪري ٽرين آپريشن اورنگي اسٽيشن تائين وڌايو ويو آهي، 10 فيبروري 2021ع کان وڌيڪ وسعت تحت ڪراچي سرڪلر ريلوي ۾ ليول ڪراسنگ ختم ڪري هيڊ ۽ انڊرپاس ٺاهيا پيا وڃن، هن وقت ڌاٻيجي اسٽيشن کان اورنگي اسٽيشن تائين روزاني جي بنيادن تي 2 ڪي سي آر  ٽرينون هلي رهيون آهن ۽ تقريبن 10 هزار کان وڌيڪ مسافرن کي سهولتون ملي رهيون آهن. پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ موڊ تحت جديد شهري ريلوي جي طور تي ڪي آر سي جي ترقي، آپريشن ۽ سار سنڀال لاءِ ڪنسلٽنٽس طرفان پيش ڪيل فزيبلٽي اسٽڊي ۽ بزنس ماڊل به جاچ پڙتال ۽ منظوري لاءِ پيش ڪيو ويو آهي، جنهن جون اهم خاصيتون منصوبي جو ڪاٿو 207 ارب رپيا، گري انفرااسٽرڪچر 96 ارب، تعمير جو مدو 36 مهينا، ڪنسيشنري طرفان آپريشن جو مدو 30 مهينا، مسافرن جو روزانو انگ پهرين سال آپريشن ۾ 4 لک 75 هزار، 23 سال جي آپريشن ۾  11 لک 21 هزار، آپريشن جي پهرئين سال جي متوقع آمدني، ڪرائي جي مد ۾ آمدني 6.731 ارب، ڪرائي کانسواءِ آمدني 0.337 ارب، رينٽل 0.585 ارب، ليز 6.215 ارب، سبسڊي 14.987 ارب رپيا، 23 هين سال آپريشن دوران متوقع آمدني 65.556 ارب، ڪرائي جي آمدني  9.833 ارب، ڪرائي کانسواءِ آمدني 25.399 ارب، رينٽل ۽ ليز 64.424 ارب، خالص آمدني 64.424 ارب رپيا. پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت جديد شهري ريلوي جي طور تي ڪي سي آر جي ترقي، آپريشن ۽ سار سنڀال لاءِ ڪنسلٽنٽس طرفان پيش ڪيل فزيبلٽي اسٽڊي ۽ بزنس ماڊل به جاچ پڙتال ۽ منظوري لاءِ پيش ڪيو ويو آهي، ماهرن تجويز ڏني آهي ته جديد ڪي سي آر کي لائيٽ ريل اسٽينڊرڊ گيج رولنگ اسٽاڪ جي بنياد تي ٺاهيو وڃي ۽ ان جو پي سي ون تيار ڪيو وڃي، جنهن جي لاڳت 22.963 ارب رپيا هئي، اهو منظوري لاءِ ريلوي واري وزارت ۾ پيش ڪيو ويو آهي. پي سي ون جي دائري تحت سي آر لوپ سيڪشن کان ريلوي ڪراسنگ جي خاتمي لاءِ هڪ ساخت جي تجويز ڪيل ڍانچي ۾ زير زمين هڪ ڪلوميٽر ڊيگهه، 4 ايليويٽڊ ٽريڪس، 12.5 ڪلوميٽر هڪ روڊ انٽرچينج ۽ 2 پلورٽس شامل آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو