ليکڪ: شوڪت علي جلباڻي
هن بازار مان هڪ رسو خريد ڪيو،گهر واپسي تي هڪ دوست هن کي گڏيو، اهو دوست به غربت ۽ بيروزگاري جي ڪري گهڻو پريشان هو، خيردوست جي تنگدستي جا حال ٻڌي هن جي کيسي ۾ 500 جو نوٽ هو اهو ڪڍي هن جي هٿ تي رکيائين، چيائينس ته يار توکي ته خبر آهي آئون پڻ بيروزگار آهيان اهي ته بابا جا وڙ آهن جي پرائمري استاد هجڻ جي باوجود يونيورسٽين جا در ڏيکاريائين، پاڻ ته ايترو نه پڙهي سگهيو هو پر مون کي سول ۾ انجيئرنگ ڪرايائين، هاڻ چئن سالن کان بيروزگار ويٺو آهيان، هر جاءِ تي قسمت آزمائي اٿم پر جيڪڏهن لکت وارو امتحان پاس ڪري ٿو ويهان ته انٽرويو جي لاءِ ڪنهن جو حوالو گهرن ٿا يا ته وري سڌا پئسا ٿا گهرن، جيڪڏهن ڪا مزدوري مڙي ڪرڻ گهران ٿو ته بابا جي وڏي پٽ هجڻ ۽ خاندان جي پهرئين يونيورسٽي مان پڙهيل نوجوان جي ڪري بابا سائين چوي ٿو ته بابا جيسين منهنجي سسيءَ ۾ ساهه آهي آئون توکي مزدوري ڪرڻ ڪونه ڏيندس، نوڪري جي تلاش ڪر ته جيئن آئون پنهنجي برداري ۾ ڳاٽ اوچو ڪري هلان، مون سان پڙهندڙ يونيورسٽي جا نوجوان جن جا والدين امير هجڻ سان گڏ وڏي پهچ وارا هئا پنهنجي تعليم جي دوران ئي مختلف ادارن ۾ باروزگار ٿي وڏن عهدن تي پهچي ويا آهن، هاڻ آئون مايوس ٿي چڪو آهيان، پريشان آهيان ته بابا جي ضعيف عمري ۾ به سندس سهارو بڻجڻ بدران هن تي بار لڳو پيو آهيان، اهي سڀ مايوسي واريون ڳالهيون ٻڌي ٻئي دوست هن کي چيو ته پوءِ! هن وارڻيو ته پوءِ اڄ سڀ معاملا ٺيڪ ٿي ويندا، ان تان سندس دوست کي شڪ پيو، پڇيائنيس ته هي رسو ڇو خريد ڪيو اٿئي؟ جيستائين آئون سمجهان ٿو ڪٿي تنهنجو ارادو آپگهات جو ته ناهي؟ نهايت ئي افسوس ۾ ورتل ۽ کٽل لفظن ۾ هن چيو ته ڇڏ يار ٻئي ڪا ڳالهه ڪر، تنهن تي سندس دوست کي پڪ ٿي ۽ هن جو ارادو سمجهي ورتائين، دوست جي سمجهائڻ تي هن چيو ته يار ٻيو ڪجهه ته نه ٿو ملي سوچيم استاد ئي ٿي پوان، 76 مارڪون کڻڻ باوجود منهنجي ڊوميسائل کي منهنجي يونين ڪائونسل مان ڪنهن چيلينج ڪيو، جڏهن ته آئون يونين ڪائونسل ۾ ميرٽ لسٽ تي چوٿين نمبر تي هئس پر منهنجي ڪري هڪ وڏي صاحب جو ڀائيٽيو جنهن ڪڏهن اسڪول جي شڪل به ناهي ڏٺي سو رهجي ٿي ويو، سو مون کي بي دخل ڪري هن کي ميرٽ لسٽ ۾ شامل ڪيو اٿن، هاڻ ڪهڙي منهن سان وڃي بابا کي ٻڌايان ته تنهنجو پٽ هاڻ استاد ٿيڻ جي لائق به ناهي رهيو، اهو هڪ حقيقي قصو آهي، ڪا ڏند ڪٿا يا ڪا هٿ ٺوڪي ڳالهه ناهي، هن قصي کي تقريبن 12 سال گذري چڪا آهن، اڄ ذڪر ڪرڻ ۽ حوالو ڏيڻ جو مقصد هڪ دوست جيڪو پڻ اعليٰ تعليم هجڻ باوجود پورهئي کي عيب نه سمجهي سيوهڻ شريف ۾ چوڙين جو دڪان کولي پنهنجو گذر سفر ڪري رهيو آهي، تازو ئي ان جو مايوسي ۽ ذهني ٿڪاوٽ وارو ٽوئيٽ ڏٺم، هن جي ٽائيم لائين تي ٻين نوجوانن جي مايوسي جي اظهار ڪرڻ ۽ هن سان متفق هئڻ جي ڪري مون کي هن قصي کي ڪالم ۾ جاءِ ڏيڻي پئي، هن سان روبرو ڪا ملاقات ته ناهي ۽ سندس حالتن جي خبر اٿم، ٽوئيٽر جي فالوشپ جي حد تائين ساڻس ڄاڻ سڃاڻ آهي پر اها حقيقت آهي ته ميرٽ هجي يا کڻي حقدار جو حق، ڏينهون ڏينهن ناممڪن ٿيندو پيو وڃي، اهو اسان جي معاشرتي زوال پذيري جو عڪس آهي ته ڪجهه اهليت جا مثال ڏئي اسان معاشري جي هڪ مئل نظام ۾ پنهنجن نسلن کي اتساهه ڦوڪڻ جي ڪوشش ته ڪريون ٿا پر نه ان جي لاءِ ڪنهن نظام جي گهر ڪريون ٿا نه ئي اهڙو ڪو نظام ٺاهي سگهيا آهيون، جنهن سان معاشري ۾ توازن پيدا ٿي سگهي، ملڪ ۾ هاڻ بيروزگارن جو انگ هزارن ۾ نه پر ڪروڙن ۾ ٻڌايو پيو وڃي، جتي نوڪرين مان ڪڍڻ جو سلسلو هلي رهيو آهي، اتي وطن عزيز ۾ ميرٽ جي لتاڙ ڪري من پسندي تحت ملازمن کي ڀرتي ڪرڻ جي روايت ڪا نئين ناهي، پوءِ ملڪ ۾ حاڪميت ڪنهن جي به هجي، جنهن کي به اقتدار مليو آهي انهن پنهنجا نواز پاليسي اختيار ڪئي آهي، وفاق ۾ موجود تحريڪ انصاف جي حڪمرانن اقتدار ۾ اچڻ کان پهريان هڪ ڪروڙ نوڪرين جا آسرا ڏنا، وزيراعظم عمران خان نوجوانن کي به نه گهٻرائڻ جا مشورا ٻه سال ڏيندو رهيو، نيٺ وزيراعظم کتو جواب ڏيندي چيو ته نوڪريون ڏيڻ حڪومت جو ڪم ئي ناهي هوندو ۽ آخر ڪار گهٻرائڻ جو وقت هزارين ملازمتن تي آڻي انهن جي برطرفي جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، ملازمن کي گهر ڀيڙو ڪرڻ واري رسم اڳوڻيون حڪومتون به نڀائي چڪيون آهن، جيتوڻيڪ پيپلزپارٽي انفرادي طور تي ملازم برطرف ڪندي رهندي هئي پر اجتماعي طور تي هزارين ملازم فارغ ڪرڻ جو ڪم هميشه مسلم ليگ ادا ڪندي رهندي هئي، هاڻ ملڪ ۾ اها رسم نڀائڻ لاءِ هڪ ٻي سياسي جماعت تحريڪ انصاف جي واڌ ٿي چڪي آهي. جڏهن وفاقي حڪومت کان ڪارڪردگي ۽ روزگار جو سوال ڪريو ته اهي سڀ کان پهريان گذريل حڪومتن تي ماتم ڪرڻ کانپوءِ پنهنجن ڪارنامن ۾ تعميراتي شعبي جي ترقي ۽ صنعت جي ڳالهه ڪندا آهن، وزيراعظم عمران خان عوام کي تعميراتي شعبي کي ملڪ جي سڀ کان وڏي صنعت بنائڻ ۽ ماڻهن کي روزگار ڏيڻ لاءِ، تعميراتي شعبي ۾ ريليف پيڪيج ڏنو هو، ان باوجود تعميراتي شعبي ۾ سريو، سيمينٽ ۽ ٻيو سامان 50 کان 70 سيڪڙو تائين مهانگا ٿي ويا آهن، حڪومتي وزير ان باوجود نوجوانن کي روزگار ملڻ جو ذريعو به اهو ئي شعبو ڄاڻائين ٿا، عوام کي سستن گهرن جا خواب ملڪ جي بينڪن جي ڳرين شرطن کي ڏسي ٿڌا ٿيو وڃن، اقتدار ۾ سڀ کان اڳ دوستن ۽ مٽن مائٽن جي شراڪت داري لازمي هوندي آهي، ان ڪري تعميراتي شعبي جي وزارت پڻ هڪ اهڙي دوست کي ڏني وئي آهي جنهن جي ذاتي مفادن جو پڻ ٽڪراءَ ٿئي ٿو پر مناسب ماڻهو مناسب عهدي جون ڳالهيون صرف چونڊن کان اڳ ڪبيون آهن، رهي ڳالهه صنعت جي ڪاميابين جي ته آئون پنهنجن گذريل ڪالمن ۾ به ذڪر ڪري چڪو آهيان ته اهو فقط افسانو آهي، جيڪڏهن ملڪي صنعتون ترقي ڪن ها ته اهي ڊفالٽ نه ٿين ها، نه ئي امپورٽ وڌي وڃي ها. جڏهن مالي سال 2021 ۽ 2022 جي بجيٽ پيش ڪئي وئي هئي ته مون پنهنجن اڪثر ڪالمن ۾ ذڪر ڪيو هو ته هيءَ بجيٽ به انگن اکرن کي مينيج ڪري ٺاهي وئي آهي، جنهن جو محلول ڪجهه ڏينهن ۾ پنهنجا اثر ڇڏڻ لڳندو، ٿيو به ائين، معاشي انڊيڪيٽرس جيڪي سڀ بهتري جا اشارا ڏئي رهيا هئا تن به وزيراعظم عمران خان جيان ٽن مهينن اندر ئي يوٽرن وٺڻ شروع ڪيو آهي، اڳ ادارا ماڻهن جي روزگار ۽ جان مال جي حفاظت جو نالي ماتر ئي صحيح پر ڪم ڪندا هئا،ملڪي ادارن مان 14 هزار کان وڌيڪ هڪ ڌڪ ۾ ملازمن کي نوڪري مان ڪڍڻ جو ڪارنامو ٿي چڪو آهي، اهو به انهي معاملي ۾ اٽارني جنرل کي ٻڌڻ کان سواءِ يا کڻي ائين چئجي ته حڪومت کي انهن ملازمن جي چلهه ٻرڻ ۾ ڪا دلچسپي ئي نه هئي، ان ڪري حڪومتي نمائندي اٽارني جنرل به هن وقت تائين ڪو بيان جاري ناهي ڪيو، اسٽيل ملز کان وٺي اسٽيٽ لائف انشورنس ڪمپني مان ملازمن کي ڪٿي ايڊجسٽ ڪرڻ بدران انهن کي گهر ڀيڙو ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي، پيپلزپارٽي انهن ملازمن کي جيڪي 2010 ۾ بحال ڪيو هو، انهن جي قانوني مدد ڪرڻ جو اعلان ڪري چڪي آهي پر سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت ۾ سنڌ جو سول سروس ڪميشن جي اداري کي تالا لڳي چڪا آهن، گذريل 13 سالن ۾ سنڌ حڪومت استادن جي ڀرتي ٽي ڀيرا ڪئي آهي، جنهن ۾ نوڪري اشتهارن کان ڀرتي ٿيڻ جو عمل 3 کان 4 سالن جي ڊگهي عرصي تائين هلندو رهي ٿو، سوال ڪجي ته آخر ڪهڙن حڪمرانن سان ڪجي؟ گذريل مهيني ۾ڪنڊياري جي نوجوان پاڻ کي بيروزگاري کان تنگ اچي موت جي گهاٽ تي چاڙهيو، شهر شهر ۾ وبا جي نالي تي جيڪا بي روزگاري حڪمرانن ونڊي آهي آخر انهي جي تدارڪ جو سوال ڪنهن سان ڪجي؟ وفاق وارا حاڪم ته اوهان جي بقول ته هن اقتدار کانپوءِ ملڪ ۾ نه رهندا پر اوهان ته گذريل 50 سالن کان ملڪ ۾ سياست ڪندا ۽ عوام جي حالت زار ڏسندا رهيا آهيو، آئي بي ڪراچي جي هڪ روپورٽ موجب صرف 2015 /2016 جي هائوس هولڊ انٽيگريٽِڊ اڪانامي سروي کي بنياد بڻائي ڪورونا جي ڏينھن ۾ ٿيندڙ بي روزگاري ۽ غربت جا جيڪي انگ اکر ڏنا آهن انھن موجب ملڪ ۾ بلوچستان کان پوءِ سنڌ صوبو غربت توڙي بي روزگاري ۾ ٻئين نمبر تي آهي، ان ڪري قيادتن کي پڻ سوچڻ گهرجي ته آخر ڪيسيتائين اوهان ماڻهن کي صرف جذباتي تقريرن ۽ ذاتي مفادن تحت سوديبازي ڪرائي اقتدار حاصل ڪندا رهندا.