ليکڪ: آمنا مفتي
ڪورونا جي چوٿين لهر هلندڙ آهي، گذريل پوڻن ٻن سالن ۾ ان مرض سان لڪ لڪوٽي هلندڙ هئي، ڪيترا مهينا گهر ۾ بند رهيس، اچڻ وڃڻ، ملڻ جلڻ سڀ بند، هٿ سينيٽائيز ڪندي ڪندي کل لاهي ڇڏي، قوت مدافعت وڌائڻ جي نالي تي سڄي دنيا جي نباتات، معدنيات، دوائون چکي ورتيون، سماجي فاصلو اختيار ڪندي ڪندي ڪيترن ئي ماڻهن کي ناراض ڪري ويٺيس، انهن سمورن احتياطن جو فائدو اهو ٿيو ته پوڻن ٻن سالن تائين ڪورونا کان بچيل هيس، گهر گهر ماڻهو بيمار ٿيا ۽ مون کي پاڻ تي، پنهنجي قوت مدافعت هڪ عجيب قسم جو اعتماد پيدا ٿي ويو، آئون پنهنجي پاڻ کي اهڙن سياڻن مان سمجهڻ لڳيس جيڪي ويڪسين اچڻ تائين ڪنهن نه ڪنهن طرح سان پاڻ کي ان وبا کان بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا هئا، صرف هڪ ڏينهن ٻاهر نڪرندي ماسڪ پائڻ وساري ويٺيس، ڪورونا به پوڻن ٻن سالن کان ان بي احتياطي جو منتظر هو، تڪڙو اچي ورتائين، آئون ان بخار کي به خاطر ۾ نه آڻيان ها پر هڪ صبح جو جڏهن آئون اٿيس ته ائين لڳو ته ڪجهه بدليل آهي، هڪ عجيب سناٽو هو، اهو ئي ڪمرو هو، اهي ئي در ۽ ديوارون، سائيڊ ٽيبل تي رکيل چانهه جو ڪوپ، پليٽ ۾ رکيل گل ۽ موتيي ۽ چنبيلي جون ڪليون، ٻاهر باغ ۾ پکي شور مچائي رهيا هئا پر پوءِ به هڪ سناٽو هو، ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو ته سبب ڪهڙو آهي، غسل خانو، لائونج، بورچي خانو، هر جاءِ تي هڪ جهڙي ويراني ۽ اجنبيت وات ڦاڙي بيٺل هئي، ان پريشاني ۾ خس جي عطر جي شيشي کولي ته اندازو ٿيو ته عطر جي خوشبو غائب آهي، گهٻرائجي ٻيهر سنگهيو، ڪا به خوشبو نه هئي، چنبيلي ۽ موتيو سڀ ڄڻ ته گونگا ٿي چڪا هئا، نه چانهه جي خوشبو هئي، نه بورچي خاني مان اٿندڙ ديسي گيهه جي اڦراٽن جي مهڪ، نه لونگ ڦوٽن، دارچيني ۽ ڪارن مرچن جي خوشبو، نه ئي ڪتابن جي گهميل سڳنڌ، ٻاهر باغ جي ٻارين مان اٿندڙ ڪائي ۽ نامياتي ڀاڻ جي ڳرڻ ۽ سڙڻ جي مهڪ، تلاءَ ۾ مڇين جي ڄاتل سڃاتل بوءِ، پاسي واري گهر کان عين 10 وڳي اٿندڙ ڀڄندڙ مصالحن ۾ پيل هيڊ ۽ سڪن ڌاڻن جي هلڪڙي مهڪ، ڪجهه به موجود نه هو، ان وقت ڪچرو کڻندڙ ٽرڪ روڊ تي آئي، روز ان مان اٿندڙ بوءِ کان گهٻرائجي اندر ڀڄي ويندي هيس، پر اڄ اها بوءِ به گيٽ ٽپي مون تائين نه اچي سگهي، سانوڻ جو مهينو آهي، بادلن جو هڪ ٽڪرو اوچتو وسي پيو، بوندون زمين تي ڪريون پر مٽيءَ مان مهڪ نه اٿي، هوا جو جهونڪو آيو، پر ان ۾ الفا گاهه جي گلن ۽ وڏي تلاءَ جي بيٺل پاڻي جي بانس هئي ۽ نه ئي ترن ۽ ماش جي سڪندڙ فصل جي سڃاتل خوشبو، حد اها ته صرف ڪجهه فوٽ پري ڇپر هيٺان ڪنهن ڪم لاءِ چرٻي پگهرائي پئي وئي، ان جي بوءِ تائين نٿي آئي، هيءَ ڪهڙي دنيا هئي، منهنجي دنيا ته ڪيترين ئي ڄاتل سڃاتلس خوشبوئن سان ڀريل هئي، جن جي چيچ پڪڙي آئون هلندي هيس، گهر جي هر ڪمري جي خوشبو، فارم جي چپي چپي جي پنهنجي الڳ خوشبو هئي، جنهن سان مون جيئڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ سکيو هو، مون کي ائين لڳو ته آئون انهن خوشبوئن ۽ بدبوئن کانسواءِ هلي به نٿي سگهان، مون کي نه ڪجهه سجهيو ٿي ۽ نه ئي ڪجهه ٻڌڻ ۾ آيو ٿي، تڏهن مون کي اندازو ٿيو ته خوشبو جي پنهنجي هڪ ٻولي هوندي آهي، سنگهڻ واري قوت جو وڃائجڻ ايترو ئي ڀيانڪ آهي، جيترو بسارت يا ٻڌڻ جي سگهه جو وڃائجڻ، ان انڌي، گوني ۽ ٻوڙي دنيا ۾ خبر ناهي ڪيترا ڏينهن گذري ويا، نه ڪتاب پڙهي ٿي سگهيس، نه فلم تي دل ٽڪي ٿي، هر هر پرفيوم سنگهتي هيس پر اهو ئي سناٽو، موتيي جي گلن به زبان بند ڪري ڇڏي هئي، ادا جعفري جو هڪ شعر هر هر ياد اچي رهيو هو ته؛
حیران ہیں، لب بستہ ہیں دلگیر ہیں غنچے
خوشبو کی زبانی تیرا پیغام ہی آئے
شايد 15 هون ڏينهن جو جنهن ڪنهن بٺيءَ ۾ ڀڳل تازا چڻا موڪليا، ايترن ڏينهن کانپوءِ اها پهرين ڄاتل خوشبو هئي، جيڪا مون کي محسوس ٿي، ڇا اوهان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته ڀڳل چڻن کان وڌيڪ مزو ڏيندڙ خوشبو ڪنهن شيءِ جي به نٿي ٿي سگهي، خاص ڪري جڏهن اوهان کي 15 ڏينهن تائين ڪا به خوشبو سنگهڻ سان محسوس نه ٿئي؟ ڪورونا پنهنجي سمورين تڪليفن ۽ سختين سان گذري ويو، آهستي آهستي سنگهڻ واري قوت واپس اچي رهي آهي، روز هڪ نئين خوشي محسوس ٿئي ٿي، ڄڻ دنيا ۾ آهستي آهستي وري رنگ ڀريا پيا وڃن، قوس قزح مون کان ڪاوڙجي وئي هئي، پري واپس اچي رهي اهي، زندگيءَ جا رنگ جيڪي خوشبو سان لکيل آهن، ٻيهر گهرا ٿيندا پيا وڃن، ڪوشش ڪيو ته اهي خوشبوئون اوهان کان نه رسن، ويڪسين لڳرايو ۽ احتياط ڪريو، خوشبو جي زباني شايد اهو ئي پيغام آيو آهي.