116

آپگهاتي حملا، ٽي ٽي پي ۽ طالبان تي اعتماد جو سوال…؟؟

ليکڪ: وسعت الله خان

ڪوئيٽا ۾ آپگهاتي حملي ۾ 4 ايف سي اهلڪار شهيد ۽ 18 زخمي ٿي پيا، پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان ذميواري قبول ڪري ورتي آهي، هڪ مهيني اندر ڪوئيٽا ۾ اهو ٻيو وڏو ڌماڪو آهي، جڏهن ته ڪي پي ڪي جي افغان سرحد سان لاڳاپيل اڳوڻن قبائلي ضلعن ۾ به گذريل مهيني کان ٽي ٽي پي جي پرتشدد سرگرمين ۾ واڌ ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي، چيو پيو وڃي ته افغان طالبان طرفان ان عالمي خاطري جي باوجود ته انهن جي سرزمين ٻين ملڪن خلاف ڪارروائين لاءِ استعمال نه ٿيندي، پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي کي ڪابل تي طالبان جي قبضي کانپوءِ هڪ نئون حوصلو مليو آهي، ٽي ٽي پي افغان طالبان کي استاد جو درجو ڏئي ٿي ۽ ملا عمر کان ملا هيبت الله تائين افغان طالبان جي هر امير جي بيعت جو اعلان به ڪندي آئي آهي، افغان طالبان اڄ تائين ٽي ٽي پي کان سياسي لاتعلقي جو ڪو به اعلان ناهي ڪيو ۽ نه ئي ٽي ٽي پي جي پاڪستان ۾ ٿيندڙ ڪنهن وڏي واردات تي طالبان قيادت طرفان ڪو مذمت جو لفظ ٻڌڻ ۾ آيو آهي، پاڪستان جي نقطئه نظر کان ٻيو وڏو خطرو دولت اسلاميه خراسان (داعش) طرفان آهي، گهرو وزير شيخ رشيد به چئي رهيو آهي ته افغانستان ۾ پنهنجي ڪٽر نظرياتي دشمن طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ داعش جا حامي چمن رستي بلوچستان ۾ داخل ٿي رهيا آهن. في الحال افغان طالبان کي پاڪستان، ايران، روس ۽ چين طرفان اعلانيل ۽ اڻ اعلانيل حمايت ميسر آهي ۽ افغانستان جي اترين سرحد سان لڳل وچ ايشيا ئي ملڪن ۾ به ماضي جي ابتڙ طالبان مخالف ازبڪ ۽ تاج ويڙهاڪ سردارن ۽ قبائلن اڳواڻن بابت هڪ غير جانبداري جو مظاهرو ٿي رهيو آهي. ان رويي جي پويان لاڳاپيل ملڪن جي اها اميد آهي ته ڪجهه مهينن دوران جڏهن افغانستان تي طالبان جي انتظاميا گرفت مضبوط ٿي ويندي ۽ اهي هڪ هٿياربند مليشيا جي ذهني ڪيفيت مان نڪري هڪ اقتدار واري پارٽي وانگر سوچڻ شروع ڪري ڇڏيندا ته شايد اهي پنهنجي ان واعدي کي عملي جامو پارائي سگهندا ۽ انهن جي سرزمين پاڙيسري ملڪن خلاف استعمال نه ٿيندي. پر اهو هني مون پيرڊ وڌ کان وڌ 6 مهينا هلي سگهندو.ان کانپوءِ پاڙيسري طالبان جي گورننس ۽ رياست تي سندن انتظاميا گرفت بابت پهريان چپن جي هيٺان ۽ پوءِ اعلانيل سوال اٿارڻ شروع ڪري ڇڏيندا.جيڪڏهن ايندڙ ڏينهن ۾ پاڪستان جي سرزمين تي دهشتگرد ڪارروايون گهٽ ٿيڻ بدران اڃا به وڌي وڃن ٿيون ته پوءِ پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ کي به هر حلقي طرفان ان سوال کي منهن ڏيڻو پوندو ته طالبان جي ان ڳالهه بابت خاطرين تي ڪهڙي بنياد تي يقين ڪيو ويو ۽ هاڻ افغانستان جي طالباني حڪومت سان قومي سلامتي جي تناظر ۾ ڪهڙو سفارتي رويو رکيو ويندو. پپي جهپي وارو يا وري عمليت پسندي وارو؟ ۽ پوءِ اهو سوال به اٿندو ته پاڪ-افغان سرحد تي جيڪا مهانگي حفاظتي ديوار ٺاهي وئي آهي، ان جو ڪيترو فائدو پهچي رهيو آهي، هاڻ ته افغانستان ۾ ڀارتي اداري را ۽ افغان ڳجهي ايجنسي اين ڊي ايس جو پتو به گول ٿي ويو آهي، ان ڪري خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ خاص ۽ باقي پاڪستان ۾ عام امڪاني نين وارداتن جو الزام هاڻ ڪنهن تي وڌو ويندو، ڇا وري ڪا نئين تاويل پيش ڪئي ويندي؟ هي اهي چئلينج آهن جيڪي نئين افغانستان ۽ تقريبن نئين پاڪستان کي سامهون آهن، يا ته الزام هڻڻ لاءِ تازو ٻڪرو تلاش ڪريو يا وري پنهنجي پاليسين تي هڪ ڀيرو عملي نگاهه وجهو، ٻي صورت ۾ ٻنهي طرفن کان ماڻهو مرندا ئي رهندا ۽ ڪابل ۽ اسلام آباد ڏوهارين کي تلاش ڪرڻ ۽ آخري انجام تائين پهچائڻ جي نالي تي ڪڻڪ کان وڌيڪ ڪانگڙ پيهندا رهندا ۽ هر واقعي جي رپورٽ طلب ڪندا رهندا ۽ مرندڙن جي ڏک ۾ برابر شريڪ ٿيندا رهندا،مشهور چوڻي آهي ته ”کاڌو پيتو ڪجهه به نه گلاس ٽٽو ٻارنهن آنا“ ان جو مطلب ته گذريل 40 سالن ۾  جيتري پاڪستاني عوام کي خبر پئجي چڪي آهي، شايد خاص کي ان سمجهه تائين پهچڻ ۾ 40 سال ٻيا به لڳن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو