100

کنڊ جي قيمتن تي ضابطو آندو وڃي

ايڊيٽوريل

وفاقي شماريات کاتو مهانگائي جي حوالي سان هر هفتي عوام کي آگاهي ڏيڻ جو ڪم انتهائي ايمانداري سان ادا ڪندو رهي ٿو، ان ئي کاتي تازي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته ملڪ ۾ کنڊ 115 رپيا في ڪلو تائين وڪرو ٿي رهي آهي، شماريات کاتي جي انگن اکرن مطابق ڪراچيءَ ۾ کنڊ 115 رپيا في ڪلو تائين وڪامي رهي آهي، ان کانسواءِ راولپنڊي، سيالڪوٽ، بهاولپور، حيدرآباد  ۽ ڪوئيٽا ۾ کنڊ 110 رپيا في ڪلو وڪڻي پئي وڃي، ملتان ۽ فيصل آباد ۾ 108، جڏهن ته گجرانوالا ۾ کنڊ جي قيمت 107 رپيا في ڪلو آهي،  وفاقي شماريات کاتي مطابق سکر، پشاور ۽ خضدار ۾ کنڊ 106 رپيا في ڪلو وڪڻي پئي وڃي، جڏهن ته سرگوڌا، لاڙڪاڻي ۽ بنون ۾ کنڊ جي قيمت 105 رپيا في ڪلو تائين آهي، واضح رهي ته حڪومت کنڊ جي رٽيل قيمت 89 رپيا 50 پئسا في ڪلو مقرر ڪئي آهي. اسان سمجهون ٿا ته موجوده حڪومت جي قيام کان وٺي جن شين جا اگهه سڀ کان وڌيڪ وڌيا آهن ۽ ملڪ ۾  انهن تي سڀ کان گهڻو ڌيان ڏيڻ باوجود ڪنٽرول نه ٿي سگهيو آهي، انهن ۾ کنڊ، پيٽرول ۽ بجلي سڀني کان مٿانهان آهن، کنڊ جي وڌندڙ قيمتن بابت اسان هتي ڪيترائي انگ اکر اڳ به ڏئي چڪا آهيون ۽ اهو ٻڌائي چڪا آهيون ته موجوده حڪومت پاران اربين رپين جي سبسڊي ڏيڻ باوجود ڪيئن مل مالڪ ۽ مافياز عوام جي کيسن تي ڌاڙو هڻن ٿا ۽ حڪومت ۾ ويٺل شگر مل مالڪ ڪهڙي طريقي سان واردات ڪن ٿا، ڪيڏي نه افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته موجوده حڪومت کنڊ جي بحران تي هڪ نه پر 2 ڀيرا جاچ ڪرائي چڪي آهي ۽ ان جاچ جي نتيجي ۾ ذميوار پڻ سامهون اچي چڪا آهن پر انهن کي اڄ ڏينهن تائين نه ته ڪا سزا ملي آهي ۽ نه ئي وري انهن کان عوام جو کسيل پئسو واپس ڪرايو ويو آهي، موجوده حڪمران دعويٰ ته اها ٿا ڪن ته اڳوڻين حڪومتن ملڪ جي عوام جا اربين رپيا ڦٻايا ۽ چوري ڪيا آهن ۽ اهي واپس ورتا ويندا هاڻ جيڪي حڪمران روز کنڊ، پيٽرول، بجلي، گئس، آئل کان ويندي عام بنيادي شين تي عوام جي کيسن تي ڪروڙين رپين جا ڌاڙا هڻي رهيا آهن، اهي پراڻن کان ڪهڙي واپسي ڪرائيندا. افسوس ته ان ڳالهه جو آهي ته هن هڪڙي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ کنڊ جا اگهه به مختلف آهن، ڪٿي اها 115 رپيا في ڪلو وڪامي ٿي ته ڪٿي 105 رپيا ۽ وري ان کان به وڌيڪ حيرت جي ڳالهه اها آهي ته اها رپورٽ خود حڪومت جو ادارو ڏئي ٿو ۽ حڪومت اڄ ڏينهن تائين پنهنجي مقرر ڪيل اگهه تي ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ عمل نه ڪرائي سگهي آهي، اسان سمجهون ٿا ته اهو رڳو وفاق جو نه پر صوبائي حڪومتن جو به فرض آهي ته اهي پنهنجي مقامي انتظاميا جي مدد سان عوام کي ڦريندڙ مافياز  کي سوگهو ڪري پر ڏٺو وڃي ته وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن عوام کي مهانگائي مافياز جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪٿي به نه ته ذميواري وارو احساس آهي ۽ نه ئي وري اهڙي مافياز کي سوگهو ڪرڻ جو جذبو آهي، بس عوام هر هنڌ تي ڦرجي رهيو آهي، اسان سمجهون ٿا ته عوام سان اهو نسورو ناحق آهي، جنهن جو ازالو ٿيڻ گهرجي ۽ حڪومتون گهٽ ۾ گهٽ مقرر ڪيل اگهن تي عوام کي عام واهپي جون شيون فراهم ڪن ته اها به عوام سان وڏي دوستي هوندي، اميد آهي ته گهٽ ۾ گهٽ حڪومت کنڊ جي اگهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ قدم کڻندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو