129

آمريڪا، تفريحي پارڪ ۾ 6 سالن جي ٻارڙي سواري دوران زخمي ٿيڻ سبب فوت

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست ڪولوراڊو جي تفريحي پارڪ ۾ ءٌ سالن جي ٻارڙي هنٽڊ مائن ڊراپ سواري دوران زخمي ٿيڻ سبب فوت ٿي وئي آهي. آمريڪي سڌ سماءُ وارن ذريعن مطابق اختيارين ٻڌايو ته اهو حادثو شام 7 لڳي 45 منٽن تي ڪولوراڊو جي تفريحي پارڪ ۾ ان وقت پيش آيو جڏهن هڪ 6 سالن جي ٻارڙي هنٽڊ مائن ڊراپ سواري دوران زخمي ٿيڻ کانپوءِ فوت ٿي وئي. اختيارين وڌيڪ ٻڌايو ته ٻارڙي پنهنجي خاندان سان موڪلون گذارڻ لاءِ آيل هئي پر فوري طور تي اهو معلوم ناهي ٿي سگهيو ته هو زخمي ڪيئن ٿي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو