ACCIDENT 120

ڪوئٽا ۾ ڪوچ اونڌي ٿيڻ سبب 2 ڄڻا فوت، 16 زخمي ٿي پيا

ڪوئٽا (ويب ڊيسڪ) ڪوئٽا ويجهو مستونگ کڏڪوچه واري هنڌ تيز رفتاري سبب مسافر ڪوچ اونڌي ٿيڻ سبب ٻه ڄڻا فوت جڏهن ته 16 زخمي ٿي پيا. ايڌي ذريعن ڪوئٽا ويجهو مستونگ کڏڪوچه واري هنڌ ڪراچي کان ڪوئٽا ايندڙ مسافر ڪوچ الامداد اونڌي ٿي وئي جنهن جي نتيجي ۾ عبدالرسول ۽ بي بي ثانيا ٿڏي تي فوت ٿي ويون جڏهن ته زخمين 16 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ايڌي ذريعن حادثي جو اطلاع ملندي ئي فوري طور تي پهچي لاشن ۽ زخمين کي فوري طور تي مقامي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو جتي زخمين کي طبي امداد ڏني پئي وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو