113

شاهد خاقان عباسي سميت سمورا درٻاري ڪرپشن جو جواب ڏيڻ کان قاصر آهن: ڊاڪٽر شهباز گل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)  سياسي معاملن بابت وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته شاهد خاقان عباسي سميت سمورا درٻاري پنهنجي ڪرپشن جو حساب ڏيڻ کان قاصر آهن. وزيراعظم عمران خان جي اڳواڻي ۾ ملڪ ترقي جي راهه تي گامزن آهي. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن شاهد خاقان عباسي جي بيان جي رد عمل ۾ ڏنو. هن چيو ته شاهد خاقان عباسي سميت سمورا درٻاري ماضي ۾ ڪيل ڪرپشن جو جواب ڏيڻ کان قاصر آهن. ڪيسن جي ڪارروائي سامهون آئي ته نااهل نواز شريف ۽ درٻاري منهن ڏيکارڻ جي قابل نه رهندا. هن چيو ته پارسائي جو لباس پائي شاهد خاقان عباسي ايل اين جي جي حوالي سان پروپئگنڊه ڪري پنهنجي ڪرتوتن کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي جيڪو منافقت آهي. دنيا ۾ ايل اين جي جي قيمتن ۾ ڪيترائي ڀيرا واڌ ٿي آهي. ڊاڪٽر شهباز گل چيو ته اسپاٽ خريداري هميشه عالمي مارڪيٽ جي ريٽ تي ٿيندي آهي. نااهلن جو دور ختم ٿيو جڏهن ملڪ تباهي جي ڪنڌي تي هو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي اڳواڻي ۾ ملڪ ترقي جي راهه تي گامزن آهي، درٻاري گهٽيا سياست بدران ملڪ کي ترقي ڪندي ڏسن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو