اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گذريل 24 ڪلاڪن دوران 52 هزار 314 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. قومي صحت وزارت طرفان جاري ڪيل ٽوئيٽ ۾ شيئر ڪيل انگن اکرن مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران 52 هزار 314 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. جن مان 3316 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا آهن. اهڙي طرح گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪيل ڪورونا ٽيسٽن جي مثبت اچڻ واري شرح 6.33 سيڪڙو رهي آهي. ان دوران ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي ويل جو انگ 98 رڪارڊ ڪيو ويو آهي.
