147

فواد چوڌري ۽ فردوس عاشق اعواڻ جا ڇو نه گرفتاري وارنٽ جاري ڪريون: پشاور هاءِ ڪورٽ

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ پرويز مشرف جي ڦاهيءَ جي سزا خلاف وفاقي وزيرن جي خصوصي عدالت جي جج خلاف توهين جوڳي بيانن تي توهين عدالت درخواست جي ٻڌڻي ٿي، جسٽس مسز مسرت هلالي ريمارڪس ڏيندي چيو ته فواد چوڌري ۽ فردوس عاشق اعواڻ جا ڇو نه گرفتاري وارنٽ جاري ڪريون، حاضر سروس چيف جسٽس خلاف اهڙي توهين جوڳي زبان استعمال ڪرڻ ناقابل برداشت آهي، جسٽس مسز مسرت هلالي ريمارڪس ڏيندي چيو ته فروغ نسيم، شهزاد اڪبر ۽ اڳوڻو اٽارني جنرل توهين جوڳي زبان استعمال ڪرڻ تي عدالت کان معافي وٺي چڪا آهن، فواد چوڌري ۽ فردوس عاشق اعواڻ کي 3 ڀيرا نوٽيس جاري ڪيو پر هو پيش نه ٿيا، ڇو نه گرفتاري وارنٽ جاري ڪريون، جڏهن ته جسٽس روح الامين ريمارڪس ڏيندي چيو ته انهن ماڻهن پريس ڪانفرنس ۾ توهين جوڳي زبان استعمال ڪري پوائنٽ اسڪورنگ ۽ پنهنجو جذبو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي،  ڇا اهي ڄاڻي واڻي عدالت ۾ پيش نه ٿا ٿين، يا کين شرم اچي رهيو آهي، وات بند نه ٿا ڪري سگهن ته عدالت ۾ پيش ٿين. فواد چوڌري ۽ فردوس عاشق اعواڻ جي وڪيلن ايندڙ ٻڌڻي تي ٻنهي جي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو يقين ڏياريو، جنهن کانپوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو