اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ پنجاب ۾ اهم تبديلين جي منظوري ڏني وئي، مختلف معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو، رپورٽ موجب وزير اعظم عمران خان جي سربراهي ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، آفيسرن جي مقرري ۽ ٻين معاملن مختلف معاملن تي غور ڪيو ويو آهي، اجلاس ۾ منظوري ڏني وئي ته ڪامران علي افضل کي پنجاب جو چيف سيڪريٽري ۽ رائو سردار کي آءِ جي پنجاب مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، جڏهن ته اڳوڻي آءِ جي انعام غنيءَ کي آءِ جي ريلوي پوليس، جواد رفيق ملڪ کي وفاقي سيڪريٽري انڊسٽريز مقرر ڪيو ويو آهي، وزيراعظم عمران خان جي منظوري کانپوءِ آفيسرن جي مقررين ۽ بدلين جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو.
