113

ملڪ ۾ ڪورونا ۾ 98 ڄڻن جون حياتيون ضايع، 3316 ڪيس پازيٽو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس ۾ 98 ڄڻن  جون حياتيون ضايع، 3316  ڪيس پازيٽو، سنڌ ۾ 35 مريض فوت،رپورٽ موجب ملڪ ۾گذريل 24 ڪلاڪن دوران مثبت ڪيسن جي شرح.33 6 سيڪڙو رهي، جڏهن ته ڪورونا وائرس ۾ وڌيڪ 98 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 3316 ڪيس پازيٽو آيا. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪوروناوائرس سبب وڌيڪ 35 مريض فوت ٿيا ۽ فوتين جو تعداد 7030 ٿي ويو آهي ۽ 17668 ٽيسٽون ڪرائڻ سان 1021 نوان ڪيس سامهون آيا. اها ڳالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اڱاري ڏينهن هتي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 35 مريض فوت ٿيا آهن ۽ فوتين جو تعداد 7030 تائين پهچي ويو آهي جيڪو 1.6 سيڪڙو فوتين جي شرح آهي. مراد علي شاهه چيو ته 17668 ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان 1021 ڪيس ظاهر ٿيا جيڪي 5.8 سيڪڙو موجوده تشخيصي شرح آهن. هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 5660055 ٽيسٽون ڪيون ويون آهن جن مان 439770 ڪيسن جي تشخيص ڪئي وئي انهن مان 87.4 سيڪڙو يعني 384369 مريض صحتياب ٿيا آهن جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صحتياب ٿيندڙ 914 مريض پڻ شامل آهن. وڏي وزير چيو ته هن وقت 48371 مريض علاج هيٺ آهن انهن مان 47498 گهرن ۾، 45 آئسوليشن سينٽرن ۾ ۽ 828 مختلف اسپتالن ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 740 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي جن ۾ 71 ڄڻا  وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيا ويا آهن. بيان موجب 1021 نون ڪيسن مان 412 ڪراچي جا آهن جن ۾ ضلع اوڀر 127، ضلع ڏکڻ 107، ضلع سينٽرل 66، ملير 45، ڪورنگي 44 ۽ اولهه 23  آهن. حيدرآباد ۾ 139، لاڙڪاڻو ۽ سانگهڙ 44-44، شهيد بينظير آباد 36، مٽياري 34، بدين 29، قمبر 26، عمرڪوٽ 24، ٺٽو 23، گهوٽڪي ۽ خيرپور 20-20، ميرپورخاص، ٽنڊوالهيار ۽ شڪارپور 18-18، ڄامشورو 15، جيڪب آباد 10، سکر 8، دادو ۽ ڪشمور 3-3، نوشهروفيروز، ٽنڊو محمد خان ۽ ٿرپارڪر 1-1 ڪيس آهن.  مراد علي شاهه عوام تي زور ڀريو ته حڪومت پاران جاري ڪيل ايس او پيز تي عمل ڪن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو