141

وفاقي سرڪاري ادارن ۾ استادن جي جينز پائڻ تي پابندي: نوٽيفڪيشن جاري

 اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي سرڪاري ادارن ۾ استادن جي جينز پائڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، ان حوالي سان نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته  سمورن تعليمي ادارن ۾ استادن جي لاءِ ڊريس ڪوڊ لاڳو ڪيو ويو آهي،ماسترياڻين لاءِ جينز ۽ ٽاءِ ۽ مرد استادن جي لاءِ جينز ٽي شرٽ پائڻ تي پابندي هوندي، جڏهن ته پردو ڪندڙ ماسترياڻين کي صاف سٿرو اسڪارف ۽ حجاب پائڻ جي اجازت هوندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو