ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آبپاشي کاتي واري صوبائي وزير ڄام خان شورو جي هدايت تي آبپاشي کاتي ٽي پي ۽ سي جي لنڪ ڪينالز ذريعي پاڻي منتقلي کي فوري طور تي بند ڪرڻ لاءِ ارسا کي خط اُماڻي ڇڏيو، آبپاشي کاتي واري صوبائي وزير ڄام خان شورو جي هدايتن تي آبپاشي کاتي ٽي پي ۽ سي جي لنڪ ڪينالز ذريعي پاڻي جي منتقلي کي فوري طور تي بند ڪرڻ لاءِ ارسا کي اڄ هڪ خط اُماڻيو آهي خط ۾ چيو ويو آهي ته آب هوا جي صورتحال سبب تربيلا جي ماڳ تي دريا سنڌ ۽ نوشهره جي ماڳ تي دريا ڪابل تي پاڻي جو وهڪرو مسلسل گھٽ ٿي رهيو آهي ، تربيلا ۾ پاڻي جو وهڪرو 1،79،300 ڪيوسڪ مان گھٽجي 98400 ڪيوسڪ رهجي ويو آهي ۽ دريا ڪابل جو اخراج 22800 ڪيوسڪ کان به گھٽ ٿي 13700 ڪيوسڪ رهجي ويو آهي خط ۾ ارسا کي وڌيڪ چيو ويو آهي ته انڊس سسٽم ۾ پاڻي جووهڪرو گھٽجي خطرناڪ حد تائين پهچي ويو آهي ۽ ان ئي وقت ٽي پي ۽ سي جي ڪينالن ۾ پاڻي وهڪرو ۾ وڌيڪ واڌارو ڪيو ويو آهي. سي جي ڪينال ۾ پاڻي جو وهڪرو 2292 ڪيوسڪ کان وڌي 15000 ڪيوسڪ ٿي ويو آهي ۽ ٽي پي لنڪ ڪينال ۾ پاڻي 2894 ڪيوسڪ مان وڌي 5423 ڪيوسڪ ٿي ويو آهي جڏهن ته ٽي پي ۽ سي جي ڪينال ۾ پاڻي ڇڏڻ جيڪري تربيلا ۾ هر روز تقريبن 2.62 فٽ گھٽتائي ٿي رهي آهي ۽ اهڙي ريت منگلا ۾ به هر ايندڙ ڏينهن 0.75 فٽ سيڪڙي سان ڪمي ٿي رهي آهي خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته تربيلا ۾ پاڻي جي گھٽتائي سبب بيٺل فصل تباھ ٿي سگھن ٿا ۽ ربيع جي پوکائي لاءِ به پاڻي گھٽ ميسر هوندو. سنڌو دريا ۽ جهلم چناب سسٽم مان سي جي ۽ ٽي پي لنڪ ڪينالز جي ذريعي پاڻي جي منتقلي کي فوري طور تي روڪيو وڃي ته جيئن ڪراچي کي پيئڻ جي پاڻي جي دستيابي يقيني بڻائي سگھجي ۽ صوبي سنڌ جي باقي ضلعن ۾ به پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي سگھجي.
