118

فواد چوڌري عوام کي گمراهه ڪرڻ ڇڏي ڏئي، همت آهي ته سچ ڳالهائي: پيپلزپارٽي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ مڪاني ادارن ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ واري وزير سيد ناصر حسين شاهه وفاقي وزير فواد چوڌري جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته فواد چوڌري عوام کي گمراهه ڪرڻ ڇڏي ڏئي ۽ سچ ڳالهائڻ جي همت ڪري. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي  پنجاب جي دوري سبب خوفزده پي ٽي آءِ ڪوڙ جو سهارو وٺي رهي آهي. فواد چوڌري سميت وفاقي حڪومت ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ عوام کي گمراهه ڪرڻ واري ٽيم رکي آهي. سيد ناصر حسين شاهه وڌيڪ چيو ته عوام جي وچ ۾ وڃڻ جي همت صرف چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ئي ڪري سگهي ٿو. پي ٽي آءِ قيادت عوام جي وچ ۾ وڃي کين پتو پئجي ويندو سندن ڪيتري مقبوليت آهي. هن چيو ته ماڻهن جو معاش ۽ روزگار تباهه ڪري اهي سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي جو راڳ آلاپي رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان جي عوام جي اميد هاڻي بلاول ڀٽو زرداري سان واڳيل آهي. بلاول ڀٽو زرداري ئي ملڪي معاشي خوشحالي ۽ روزگار جي بحالي جي قابليت رکي ٿو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو