105

ٻين صوبن جي رهواسين کي سنڌ جا ڊوميسائل جاري ڪندڙ آفيسرن خلاف ڪارروائي جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سمورن ڊويزنل ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته اهي گذريل ٽن سالن دوران سمورن ضلعن ۾ جاري ڪيل سڀني ڊوميسائل / پي آر سي سرٽيفڪيٽن جي جانچ پڙتال ڪن ۽ 60 ڏينهن اندر رپورٽ ڪئي وڃي ته جيئن ڊوميسائيل/پي آر سي جي غلط استعمال بابت فيصلو ڪري سگهجي ۽ اهڙي عمل کي روڪڻ لاءِ اُپاءَ ورتا وڃن. اهڙي هدايت هن اڱاري ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪابينا اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. اجلاس ۾ سمورن صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن، چيف سيڪريٽري ممتاز شاهه، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ سلمان طالب الدين ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. ڪابينا صوبي جي رهائشين لاءِ خاص ڪوٽا جي ابتڙ وفاقي ۽ صوبائي تعليمي ادارن ۽ سرڪاري نوڪرين لاءِ ٻين صوبن جي رهواسين پاران سنڌ جي ڊوميسائيل/پي آر سي سرٽيفڪيٽ جي غلط استعمال جو مامرو اٿاريو. جنهن تي سنڌ جي وڏي وزير  چيف سيڪريٽري کي ھدايت ڪئي ته جن آفيسرن جعلي ڊوميسائيل / پي آر سي سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا آھن تن جو پتو لڳايو وڃي ته جيئن انھن کي مثالي سزائون ڏئي سگھجن. ياد رهي ته سنڌ جي وڏي وزير  ڊوميسائل / پي آر سي جي غلط استعمال جي جانچ ڪرائڻ لاءِ مئي 2020 ۾ سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي هئي. ان ڪميٽي لاڙڪاڻي، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، گهوٽڪي ۽ ڄامشورو جي چئن ضلعن ۾ ڊوميسائل / پي آر سي جاري ڪرڻ واري عمل جي جاچ ڪئي ۽ رپورٽ پيش ڪئي. رپورٽ موجب 423 ڪيسن جي جاچ ڪئي وئي ۽ انهن چئن ضلعن ۾ 154 کي مختلف بنيادن تي مشڪوڪ قرار ڏنو ويو. ڪابينا کي بريفنگ ڏيندي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري گهرو کاتي قاضي شاهد پرويز چيو ته سمورن ڊپٽي ڪمشنرن،  اي ڊي سيز/اي سيز کي ڊوميسائل / پي آر سي جاري ڪرڻ جي ذميواري ڏنل آهي پر ڪابه فيلڊ انڪوائري نه ڪئي پئي وڃي.  هن وڌيڪ چيو ته پروسيسنگ / اپروول شيٽ لاڳاپيل اسٽاف / اٿارٽي پاران درخواست کان سواءِ ”مڪينڪل“ عمل ڏانهن اشارو ڪيو آهي. ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي وئي ته ڊوميسائل / پي آر سي جاري ڪرڻ جهڙو خاص ڪم بغير ڪنهن چڪاس جي هڪ خانگي ڪمپني حوالي ڪيو ويو. اھم ڪاغذن جھڙوڪ حلف نامي جو صحيح ريت بندوبست نه ڪيو ويو ۽ ڪيتريون ئي مشڪوڪ شيون مليون. گھڻي ڀاڱي ڪاغذ گهربل ”رهائش جو ثبوت“ جي طور تي تصديق ٿيل نه هئا. ڪابينا جي ميمبرن سان تفصيلي غور ويچار کان پوءِ سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڊوميسائل سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ خاص جاءِ لاءِ مستقبل رهائش واري ثبوت کي غلط استعمال ۾ آندو ويو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان سٽيزن شپ ايڪٽ 1951 تحت ڊوميسائل پاڪستان جي شهريت جو سرٽيفڪيٽ آهي ۽ اهو ڪنهن صوبي يا ڪنهن خاص جاءِ تائين محدود نه آهي. ساڳي ريت پاڪستان سٽيزن شپ رولز 1952 ان کي پاڪستان ۾ مستقل رهائش لاءِ اهل قرار ڏي ٿو. هن چيو ته مستقل رهائش جو سرٽيفڪيٽ (PRC) هڪ خاص علائقي ۾ رهائش جو هڪ دستاويز آهي. مراد علي شاهه ڪابينا جي منظوري سان ڊوميسائل ۽ پي آر سي جي قاعدن جو جائزو وٺڻ ۽ ترميم تجويز ڪرڻ لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي آهي. ڪميٽي ۾ روينيو وارو وزير مخدوم محبوب، آبپاشي وارو وزير ڄام خان شورو، قانوني صلاحڪار مرتضيٰ وهاب ۽ بورڊ آف روينيو جا سينيئر ميمبر شامل آهن. سنڌ جي وڏي وزير سمورن ڊويزنل ڪمشنرن کي ھدايت ڪئي ته اھي گذريل ٽن سالن اندر پنهنجن ضلعن ۾ جاري ڪيل ڊوميسائلن / پي آر سيز جي جانچ ڪري 60 ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪن. ان دوران سنڌ جي وڏي وزير آئي ٽي کاتي کي هدايت ڪئي ته هو ڊوميسائيل / پي آر سي لاءِ ڊيٽابيس تيار ڪري.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو