120

سنڌ ڪابينا ”اسڪول ڪلسٽرنگ “ ۽ ”اپ گريڊيشن“ پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ڪابينا اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي ”اسڪول ڪلسٽرنگ پاليسي“ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اجلاس ۾ تعليم واري صوبائي وزير سردار شاهه چيو ته سنڌ جا اسڪول مختلف قسمن ۾ پکڙيل آهن جهڙوڪ پرائمري، مڊل، ايليمينٽري، هاءِ ۽ هائير سيڪنڊري اسڪول. ٻهراڙي وارن علائقن جا اڪثر پرائمري اسڪول خراب آهن، هڪ ڪمرن ۽ هڪ استاد تي ٻڌل اسڪول پڻ آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڪلسٽرنگ ذريعي انهن آئسولٽڊ اسڪولن کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ هڪ طريقهءِ ڪار گهربل آهي. هر ڪلسٽر ۾ هڪ مرڪزي اسڪول هوندو جنهن کي هب اسڪول سڏيو ويندو آهي، باقي اسڪولن کي ڪلسٽر جي مرڪز سان گڏ گروپ ڪيو ويو آهي. پاليسي جو اصل مقصد پري وارن اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ، گهٽ وسيلن جي مسئلن کي نبيرڻ آهي. ڪابينا ان تجويز جي منظوري ڏني ۽ سنڌ جي وڏي وزير تعليم کاتي کي هدايت ڪئي ته اسڪول نه ويندڙ ٻارن جو تفصيلي سروي ڪرايو وڃي ۽ انهن کي اسڪول ۾ آڻڻ لاءِ اپاءِ ورتا وڃن. ڪابينا پرائمري کان ايليمينٽري تائين اسڪولن لاءِ ’اپ گريڊيشن‘ پاليسي جي پڻ منظوري ڏني. پاليسيءَ تحت ڳوٺاڻي علائقي ۾ پنجين ڪلاس جو اسڪول آھي جنھن ۾ 20 ٻارن جي داخلا آھي ۽ ھڪڙو ”ڪيچمينٽ ايريا اسڪول“ آھي جنھن ۾ 30 ٻارن جي داخلا پنجين ڪلاس ۾ آهي ۽ ٽن ڪلوميٽر تائين ڪوبه پرائمري اسڪول نه آهي، اهو اپگريڊيشن جو اهل ٿيندو. گرلز پرائمري اسڪول جنهن ۾ 15 نياڻين جي داخلا آهي تنهن کي اپگريڊ ڪيو وڃي ۽ جيڪڏھن ڪيچمينٽ ايريا جي اسڪولن ۾ وڌيڪ شاگرد آھن ۽ ٻيو ڪوبه پوسٽ پرائمري گرلز اسڪول ٻن ڪلوميٽرن جي اندر نه آهي، شهري علائقن ۾ پرائمري بوائز اسڪول کان پرائمري اسڪول ۾ اپ گريڊ ڪرڻ جو معيار اهو هوندو ته پنجين درجي ۾ 20 ڇوڪرن جي داخلا ۽ ڪيچمنٽ ايريا اسڪول ۾ 30 ڇوڪرن جي ۽ ڄاڻايل علائقي ۾ ڪوبه پوسٽ پرائمري اسڪول نه هوندو. گرلز پرائمري اسڪول جنهن ۾ 15 نياڻين جي داخلا آهي تنهن کي اپگريڊ  ٿيڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن ڪيچمنٽ ايريا اسڪولن ۾ وڌيڪ شاگرد آهن ۽ ڪوبه ٻيو پوسٽ پرائمري گرلز اسڪول ٻن ڪلوميٽر جي فاصلي ۾ نه آهي. شهري علائقن ۾ پرائمري بوائز اسڪول کان ايلمينٽري اسڪول اپگريڊيشن جو معيار هيءَ هوندو ته پنجين ڪلاس ۾ 20 ڇوڪرن جي داخلا ۽ ڪيچمنٽ ايريا اسڪول ۾ 30 ڇوڪرن ۽ ان علائقي ۾ ڪوبه پوسٽ پرائمري اسڪول نه هجي. گرلز پرائمري اسڪول جي اپگريڊيشن جو معيار اهڙي ريت مقرر ڪيو ويو آهي ته پنجين ڪلاس ۾ 15 نياڻيون ۽ ڪيچمنٽ ايريا اسڪولن ۾ 30 شاگرد. اهڙي ريت جو معيار ايليمنٽري کان مڊل اسڪول جي اپگريڊيشن لاءِ آهي ۽ هاءِ اسڪول جي منظوري ڏني وئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو