108

سنڌ ڪابينا سنڌ منزل سڪون اٿارٽي ايڪٽ ٺاهڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ڪابينا سنڌ منزل سڪون اٿارٽي ايڪٽ ٺاهڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. جنھن جو مقصد ماڊل قبرستان قائم ڪرڻ آهي. انتظام ۽ ان کي لاڳو ڪرڻ آھي. هيءَ اٿارٽي عوامي قبرستان جي سار سنڀال، جنازن، قبرستان، منتقلي جون خدمتون انجام ڏيندي. ڪابينا سنڌ منزل سڪون اٿارٽي بل 2021 واري مسودي جي منظوري ڏني ۽ ان کي اسيمبلي ۾ اماڻيو ويندو. قانون واري صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو ته سڄي صوبي ۾ ڪيترائي تاريخي ۽ عوامي قبرستان آهن جتي ڪيترائي مشهور بزرگ، شاعر، سياستدان، دانشور، آزادي پسند ۽ لکين مقامي ماڻهو صدين کان دفن ٿيل آهن. ھن وڌيڪ چيو ته انھن مان ڪجهھ تاريخي قبرستان جي سارسنڀال مختلف صوبائي کاتا، يوسي سطح جي لوڪل گورنمينٽ، ڪميونٽيز، سوسائٽيز ۽ ٻيا ڪندا آهن. واضح رهي ته ڪراچي ۾ 203 قبرستان آهن جن مان 184 مسلمانن لاءِ ۽ 19 غير مسلمن لاءِ آهن. مرتضيٰ وهاب چيو ته 90 قبرستان مقامي حڪومت جي ڪنٽرول هيٺ آهن ، 106، DHA ، PQA، CAA ۽ اسٽيل ملز جي انتظام هيٺ آهن. هن وڌيڪ چيو ته ست ڪنٽونمينٽ بورڊز جي ڪنٽرول هيٺ آهن ۽ ڇهه قبرستانن ۾ وڌيڪ جاءِ نه هئڻ سبب تدفين تي پابندي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو