لاهور (ويب ڊيسڪ) معلوم ٿيو آهي ته قومي ٽيم جي سليڪشن تي ڪپتان بابراعظم رميز راجا کي 2 ڀيرا فون ڪري ٽيم جي سليڪشن بابت پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو هو، جڏهن ته هن ڪجهه رانديگرن کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ پڻ رميز راجا کي چيو هو، رميز راجا بابراعظم جي ڳالهه ضرور ٻڌي پر کيس چيو ته پنهنجو ڌيان راند تي رکو، ٽيم ۾ رانديگرن جي ان آئوٽ ڪرائڻ تي توجهه گهٽ ڏيو.
