128

دبئي ۾ حاملا ٻليءَ کي بچائيندڙ چئن ڄڻن لاءِ انعام جو اعلان

دبئي (ويب ڊيسڪ) دبئي ۾ حاملا ٻليءَ کي بچائيندڙ چئن ڄڻن لاءِ انعام جو اعلان ڪيو ويو آهي، رپورٽ مطابق سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل ٿي آهي، جنهن ۾ حاملا ٻلي هڪ عمارت جي بالڪوني ۾ لٽڪيل آهي، هيٺ بيٺل چئن ڄڻن همدردي جو مثال قائم ڪندي وڏي چادر جهلي ٻلي کي موت جي منهن کان بچائي ورتو، وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ دبئي جي حڪمران شيخ محمد بن راشد وڊيو پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي شيئر ڪندي ٻلي کي بچائيندڙن جي شناخت جي درخواست ڪئي، ميڊيا مطابق ٻلي کي بچائيندڙ ۾ هڪ پاڪستاني، هڪ مراڪش ۽ 2 ڀارتي شهري هئا، جن لاءِ اماراتي حڪومت 50 هزار درهم  پاڪستاني 22 لک 74 هزار انعام جو اعلان ڪيو ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو