قاسم آباد (ويب ڊيسڪ) قاسم آباد جي بختاور ڪالوني ۾ واپڊا عملي هڪ ٽرانسفارمر تي جعلي ميٽر هڻي ڇڏيا ۽ ساڳي ڪالوني ۾ هڪڙي ٽرانسفارمر تي هڪڙو ميٽر لڳل آهي، جنهن تي لائين مين طرفان 50 هزار رپيا منٿلي مقرر ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. جڏهن ته واپڊا جي قانون مطابق هڪ ميٽر تي ٽرانسفارمر جي منظوري نه ملندي آهي، جڏهن ته بختاور ڪالوني ۾ لائين مين رشوت عيوض هڪ ميٽر تي نئون ٽرانسفارمر لڳرائي ڪالوني مان اوڳاڙي ڪري رهيو آهي، لائين مين عرفان مهاجر ڪالوني مان لڳل ٽرانسفارمر جي اوڳاڙي تي ٽن ماڻهن کي مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي چوري جي بجلي استعمال ڪندڙ صارفين مان منٿلي وٺي لائين مين کي پهچائين ٿا. ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته جعلي ميٽرن جو ڪو به اڪائونٽ ناهي، جيڪي بنا ڪنهن ريڊنگ جي هلي رهيا آهن، نتيجي ۾ اڳ ئي اربين رپين جي بحران ۾ هلندڙ اداري کي ويتر لکين رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي. ٻئي طرف معلوم ٿيو آهي ته قاسم آباد ۾ لائين مين سوين ڪمرشل فلٽر پلانٽس کي غيرقانوني ڪنيڪشن ڏئي ڇڏيا آهن، جيڪي بل ادا ڪرڻ بدران لائين مين جي مقرر ٿيل ماڻهن کي منٿلي پهچائين ٿا. جڏهن ته ”سوڀ“ پاران ڪيل سروي ۾ معلوم ٿيو ڪنهن به فلٽر پلانٽ جو پنهنجو ميٽر لڳل ناهي. جڏهن ته لائين مين پاران مقرر ڪيل خانگي ماڻهن کي ڀتي وارن پئسن مان پگهارن جي ادائگي ڪئي ويندي آهي. علائقي واسين موجب اسان لائين مين عرفان مهاجر جي رشوت خوري بابت ڪيترائي ڀيرا ايس ڊي او واپڊا قاسم آباد کي شڪايتون ڪيون آهن پر اختيارين ڪابه ڪارروائي ناهي ڪئي، ايس ڊي او قاسم آباد اسان جي دانهن ورنائڻ لاءِ تيار نه آهي، لائين مين عرفان مهاجر سان جڏهن ”سوڀ“ پاران رابطو ڪيو ويو ته بدمست سرڪاري ملازم مناست جواب ڏيڻ بدران ”سوڀ“ عيوضي ۽ سينئر صحافي تي ڏمرچي پيو ۽ نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون. جڏهن ته واپڊا جي سرڪاري ملازمن پاران خانگي ماڻهن کي مقرر ڪرڻ سبب ڪيترائي ڀيرا حادثا پيش اچي چڪا آهن، ٿنڀن تان ڪرڻ سبب ڪيترائي نوجوان هميشه جي لاءِ معذور تي هڪ کٽ تي پيل آهن، جڏهن ته انساني جانين سان کيڏندڙ واپڊا جي سرڪاري ملازمن خلاف هن وقت تائين ڪابه ڪارروائي عمل ۾ نه آئي آهي. روزاني ”سوڀ“ پاران ڪيل سروي ۾ معلوم ٿيو ته واپڊا ملازمن وٽ ڪم ڪندڙ خانگي 3 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن، جن ۾ اڪبر لاشاري، معروف سولنگي ۽ غلام مصطفيٰ حاجاڻو شامل آهن. جڏهن ته هڪ نوجوان شان ولد وريام حاجاڻو جون ڪرنٽ لڳڻ سبب آڱريون ڪٽجي ويون آهن.
