149

ٽنڊوالهيار جو نوجوان زميندار قتل، ڪيلن مان گوليون لڳل لاش هٿ، وارثن جو مڙهه رکي ڌرڻو

ٽنڊوالهيار (ويب ڊيسڪ)ٽنڊوالهيار شهر جي انڙ پاڙي جي رهواسي 35 سالا غلام مصطفي آرائين جو مسڻ لڳ مچائو لنڪ روڊ تي ڪيلي جي فصل مان لاش هٿ آيو، علائقي واسين لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڪيو، مسڻ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي  لاش کڻائي ٽنڊوالهيار جي سول اسپتال پهچايو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻي پاسي مقتول جي وارثن حيدرآباد ميرپورخاص روڊ  تي مددگار پوليس جي آفيس اڳيان لاش رکي احتجاجي ڌرڻو  هنيو، ان موقعي تي مقتول جي وارثن ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي نوجوان جي ڪنهن سان به دشمني نه هئي، هو هڪ شريف ۽ نمازي پرهيزي ماڻهون هو ،جيڪو گذريل ڏينهن شام جو گهران نڪتو ۽ اڄ سندس بيدردي سان قتل ٿيل لاش مليو آهي،  24 ڪلاڪن اندر غلام مصطفي جا قاتل گرفتار نه ٿيا ته سموري پاڪستان ۾ احتجاج جو سڏ ڏنو ويندو، ان موقعي تي ڊي ايس پي چمبڙ شاهنواز ميمڻ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان نوجوان جو پوسٽ مارٽم ڪرائي لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو آهي، نوجوان کي تشدد ڪري بيدردي سان گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي، اسان جيئو ٽريسنگ ۽ ٽيڪنيڪل طريقي سان جانچ ڪري رهيا آهيون، جلد قاتل پوليس جي گرفت ۾ هوندا، مقتول جي وارثن سان انصاف ٿيندو، جڏهن ته ڊي ايس پي چمبڙ شاهنواز ميمڻ جي خاطري ڪرائڻ بعد احتجاجي ڌرڻو ختم ڪري ٽريفڪ بحال ڪئي وئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو