92

پنجاب حڪومت ڪيرائي عمران خان کي سولائي سان ڪيرائي سگهون ٿا، جيئن ئي اپوزيشن تيار ٿيندي ته بي اعتمادي رٿ پڻ آڻينداسين: بلاول ڀٽو

ملتان (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته  اسان پنجاب حڪومت ڪيرائي عمران خان کي سولائي سان ڪيرائي سگهون ٿا، جيئن ئي اپوزيشن تيار ٿيندي ته بي اعتمادي رٿ آڻينداسين. ملتان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پي ڊي ايم جا دوست عمران خان جي استعفا بدران اسان کان استعفيا گهري رهيا هئا، پي ڊي ايم ۾ جيستائين مونجهارو رهندو  تيستائين مسئلو حل نه ٿيندو، اسان ڪنهن جي مدد بنا حڪومت کي شڪست ڏني، وزيراعظم کي سينيٽ چونڊن ۾ شڪست ڏني، شهباز شريف کي طريقي ڪار بابت سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو هو. هن چيو ته عوام حڪومت تي سخت ڪاوڙيل آهي، مهانگائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، اسان اڄ معاشي بحران جو مقابلو ڪري رهيا آهيون، اسان ماڻهن کي روزگار ڏنو ۽ اهي کسي رهيا آهن.شهباز شريف ن ليگ جو صدر آهي، ته ان جو فيصلو پڪو هئڻ گهرجي، شهباز شريف جو مسئلو اهو آهي ته هو بيان ڏيندو آهي ۽ پارٽي ان جي ترديد ڪري ڇڏيندي آهي، يا ته شهباز شريف مخالف ڌر اڳواڻ جو ڪردار ادا ڪري يا وري اسان کي پنهنجو آڻڻ ڏي. بلاول ڀٽو زرداري موجب افغانستان جي حوالي سان اسان کي خدشا آهن ته عورتن، ٻارن، اقليتن ۽ ٻين طبقن جا حق ۽ پاڪستان پهرين ترجيح هجڻ گهرجي، سي پيڪ تي دهشتگرد حملا ٿي رهيا آهن، جنهن تي چين کي به ڳڻتي آهي، اسان جي سي پيڪ جو ڇا ٿيندو، جنهن کي آصف زرداري شروع ڪيو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو