113

اچو ته پاڪستان بابت ڄاڻ وٺون..

ليکڪ: اويس ساگر سومرو

پاڪستان جي ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ، اوڀر ۾ انڊيا، اولهھ ۾ ايران ۽ افغانستان، اتر ۾ چين آهن. ملڪ جي عالمي سرحد جي ڊيگهھ 7257 ڪلوميٽر آهي، جنھن مان 2670 ڪلوميٽر افغانستان سان، 438 ڪلوميٽر چين سان، 3190 ڪلوميٽر انڊيا سان ۽ 959 ڪلوميٽر ايران سان ملي ٿي، ملڪ جي سمنڊ سان ملندڙ حد 1046 ڪلوميٽر آهي، پاڪستان جي سمنڊ جي پاڻي ۽ فضائي اسپيس جي حد ان جي ڪناري جي حد کان سمنڊ طرف 12 ناٽيڪل ميلن تائين آهي، جنھن کانسواءِ اڳتي وڌيڪ 200 ناٽيڪل ميلن تائين ملڪ جو معاشي زون آھي، جتي کنڊ جي حد ھوندي آھي، ان جو جاگرافيائي مقام 30 اتر ۽ 70 اوڀر آھي. ان جي ڪل پکيڙ 880٬940 km2 (340٬130 sq mi) آھي. (آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان کان سواءِ) ان جي ڪل پکيڙ 796095 چورس ڪلوميٽر آهي، جنھن مان 770875 چورس ڪلوميٽر خشڪي ۽ 25220 چورس ڪلوميٽر پاڻي آهي، ايراضي ۾ دنيا جي ملڪن ۾ 34 هين نمبر تي آهي. جنھن جو 24 سيڪڙو علائقو زرعي آھي، جنھن مان وري 40 سيڪڙو پوک جي قابل، 13 سيڪڙو پوک ھيٺ، 20 سيڪڙو بيڪار، 3 سيڪڙو ٻيلا آهن، پاڪستان ۾ ٽي بندرگاھون آهن، جن جا نالا ڪراچي پورٽ، بن قاسم پورٽ ۽ گوادر پورٽ آھن، ملڪ جي ٽوپوگرافي مطابق ملڪ ٽن مختلف جاگرافيائي خطن ۾ ورھايل آھي جن ۾ اتريان مٿانھان ميدان؛ سنڌو نديءَ جي ٻنھي پاسن وارو وچيون ۽ ملڪ جي اوڀر وارو ميداني علائقو شامل آهن ۽ ملڪ جي ڏکڻ ۽ اولهھ پاسي واري بلوچستان جي زمين پليٽ، ملڪ جي سراسري بلندي سمنڊ جي سطح کان 900 ميٽر مٿي آهي، سڀ کان ھيٺانھون مقام عربي سمنڊ جي سطح آھي جيڪو زيرو ميٽر آهي. ملڪ جو بلند ترين مقام گاڊون آسٽن جبل جي چوٽي ڪي 2 آھي جيڪا سمنڊ جي سطح کان 8611 ميٽر بلند آھي. ملڪ جي قدرتي وسيلن ۾ زرخيز زمين، وڏي پيماني تي مليل قدرتي گئس جا ذخيرا، پيٽروليم، گھٽ معيار وارا ڪوئلي جا ذخيرا، ڪچو لوھه، ٽامو، لوڻ ۽ لائيم اسٽون شامل آهن، 2011ع جي ڪاٿي مطابق ھن ملڪ جي زمين جو 35.2 سيڪڙو زرعي زمين تي ٻڌل آهي، جنھن مان 27.6 سيڪڙو پوکي لائق آھي، 1.1سيڪڙو زمين تي مستقل فصل پوکيا ويندا آهن ۽ 6.5 سيڪڙو زمين تي چراگاھون آھن، 2011ع جي ڪاٿي مطابق زرعي زمين کان سواءِ 2.1 سيڪڙو زمين تي ٻيلا واقع آھن ۽ ملڪ جي باقي غير زرعي زمين 62.7 سيڪڙو آهي جنھن ۾ جبل، ريگستان ۽ ٻي غير زرعي زمين شامل آهي. 2012 جي ڪاٿي مطابق ملڪ جي آبپاشي واري زمين 202000 چورس ڪلوميٽرن تي ٻڌل آهي، ارضياتي طور پاڪستان کي هيٺين ٽن خطن ۾ ورهائي سگهجي ٿو.

جابلو علائقو: پاڪستان جي اتر ۽ اولهه ۾ جابلو علائقو آهي. هن ۾ اتر وارا جبل، هماليا جون شاخون آهن، جن جون قطارون ديوارن وانگر هڪٻئي پٺيان بيٺل آهن. انهن ۾ چترال ۽ مريءَ جا پهاڙ، ڪاغان وادي ۽ قبائلي علائقن جا پهاڙ شامل آهن. انهن جبلن مان هماليا جبل جي سراسري اوچائي 20 هزار فوٽ آهن، جنهنڪري اُن جون چوٽيون سدائين برف سان ڍڪيل رهنديون آهن، گلگت جي ويجهو نانگاپربت جي چوٽي 26 هزار فوٽ اوچي آهي ۽ قراقرم جابلو قطار ۾ K-2 جي پهاڙي آهي، جتي وسيع برف موجود رهندي آهي. اتر-اولهه واري سرحد تي هندوڪش جبل پکڙيل آهي، جنهن جي چوٽي (ترچ مير) 25353 فوٽ آهي، پهاڙي لڪن جن ۾ بابُوسر،دره خنجراب ۽ لواريوغيره به گهڻو ڪري برف سان ڍڪيل هوندا آهن، گرمين ۾ برف ڳرڻ کان پوءِ ئي آمدرفت ٿيندي آهي، زمين تي ٻيون نمبر اوچي جابلو چوٽي ڪي-2 پاڪستان ۾ واقع آهي، دنيا جي سڀ کان اوچي ٿڌي رڻ پٽ  (Cold Desert)جو نالو ڪٽپانا آھي ۽ اھو اسڪردو، پاڪستان ۾ واقع آهي، زمين جو نائون نمبر وڏو جبل نانگا پربت پاڪستان ۾ واقع آهي، ديوسائي يا ديون جي سرزمين دنيا جو ٻيو نمبر اوچو الپائين ميداني خطو پاڪستان ۾ آهي جتي نيشنل پارڪ پڻ آھي.

ميداني علائقو: پاڪستان جو تقريبن اوڀر وارو حصو ميداني آهي، ان کي سنڌو ماٿري چوندا آهن، ڇوته سنڌو درياهه ۽ ان جون ڀرتي ڪندڙ شاخون: ڪابل ندي، جهلم درياهه، ستلج درياهه، راوي درياهه، بياس ۽ چناب درياهه آهن، سنڌو درياهه وارو علائقو وسيع ميدان آهي جيڪو ڪشمير کان وٺي عربي سمنڊ تائين پکڙيل آهي، اُن جا ٻه حصا آهن پهريون سنڌوءَ جو مٿيون حصو هن حصي ۾ پنجاب ۽ بهاولپور جا علائقا شامل آهن، هتي جي زمين زرخيز آهي، ڇو ته هتي نهرن جو ڄار وڇايل آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو