ليکڪ: گلشن سنڌو
تعليم شعور جي اک آهي، انسان کي صحيح معنيٰ ۾ انسان بڻائي ٿي يعني هڪ تعليم يافتا فرد شعور جي طاقت سان جهالت کي شڪست ڏيندي ڄاڻ ۽ معلومات جي خزاني سان ذهنن کي سيراب ڪندي سمجهھ، عقل، فهم، فڪر ۽ سوچ جو نج ٻج ڇٽي ڌرتيءَ جي گولي تي انيڪ املھه ۽ باشعور نسل پيدا ڪري ٿو، علم صرف ڪتاب پڙهڻ جو نالو ناهي، علم ڄاڻ جو اهو مضبوط خزانو آهي جنهن سان ڪاميابين جا ڏاڪا آسانيءَ سان عبور ڪندي پنهنجي ترقيءَ جي منزلن ڏانهن وڌي سگهجي ٿو، اها منزل جيڪا روشنين جي منزل هوندي آهي، اها منزل جيڪا دل کي سڪون ۽ دماغ کي نواڻ ۽ تازگي بخشي ٿي پر اها ئي روشني اسان جي غير ذميواراڻن روين ۽ لاپرواهيءَ سبب اونداهين جي اونهي اوڙاھه ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي جيڪا نسلن جا نسل تباهه ڪري ڇڏي ٿي، جنهن سبب قومون زوال جي راهه تي اچي وڃن ٿيون ۽ اهڙي نقصان جو پورائو ناممڪن هوندو آهي، تعليم جي تباهي جو ڪارڻ هر اهو ماڻهو آهي جيڪو ان دائري اندر اچي ٿو، جيئن شاگرد، استاد، والدين، مئنيجمينٽ ۽ اڄڪلهھ ڪورونا جي وبا پڻ تعليمي تباهيءَ جو ڪارڻ بڻي آهي. جڏهن به اسان ڪنهن به ذميواري کان فرار حاصل ڪرڻ جا بهانا ڳوليندا آهيون ته پوءِ ٻين تي ڀاڙڻ لڳندا آهيون، شاگرد جڏهن تعليم پرائيندو آهي ته هو چاهيندو آهي ته سڀ ڪجهھ کيس ٺھيل ٺُڪيل ملي جيڪڏهن اسڪول مان اچي ته هن جو سڄو هوم ورڪ وري ٽيوشن وارو ڪرائي، ائين ئي شاگرد ڪلاس ۾ لاپرواهي ڪرڻ لڳي ٿو، هن کي خبر آهي ته کيس جيڪڏهن ڪلاس ۾ ڪا شيءِ سمجهھ ۾ نه به آئي ته گهر وڃي ٽيوشن ٽيچر کان ڪرائيندو ۽ اها عادت ٻار مان احساس ذميواري کي ختم ڪري ٿي، جنهن سبب سندس تعليمي بنياد ڪمزور ٿي وڃي ٿو، ٻار جي عدم دلچسپي تعليم جي تباهي جو ڪارڻ آهي، شاگرد کي هميشه پاڻ تي ڀاڙڻ گهرجي، جنهن سان نه صرف ان ۾ خود اعتمادي وڌندي پر اهو پاڻ به دلي خوشي محسوس ڪندي ڪجهھ لکي پنهنجي ڄاڻ ۾ اضافو به ڪري سگهي ٿو، تعليم جي تباهي جو هڪ اهم سبب استاد پڻ آهن جيڪي ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ ته صحيح نه ٿا پڙهائين پر وري انهن جي ٽيوشن سينٽرن تي پڙهندڙ ٻار پوزيشن هولڊر ٿي ٽيوشن ٽيچر جي نيڪيءَ جا ڳڻ ڳائيندا وتندا آهن يعني استاد ٽيوشن ته ڌيان سان پڙهائين ٿا پر اسڪول ۾ صحيح نه ٿا پڙهائين، جنهن سبب حقدار ٻار جيڪي پنهنجي ذهانت سان نمبر کڻي سگهن ٿا اهي نمبر شماريءَ ۾ پٺيان رهجي وڃن ٿا، ڇو ته جيڪڏهن تعليم کي ڪاروبار سمجهي هلائبو ته سڀ کان وڏو نقصان غريب طبقي کي ٿيندو آهي جيڪي مالي طرح ٽيوشن پڙهڻ جي حيثيت به ناهن رکندا، جنهن سبب ٻار جو مستقبل خراب ٿئي ٿو ۽ پڙهڻ ۾ دلچسپي به ختم ٿي وڃي ٿي، ٻار جي پهرئين اخلاقي تربيت سندس گهر کان ٿئي ٿي، اسلام والدين تي اها ذميواري واجب ڪئي آهي ته اهي اولاد جي نه صرف تربيت سٺي ڪن پر تعليم جي زيور سان به کين آراسته ڪن جيڪو سندن پهريون فرض آهي پر اڄڪلهھ جي مصروف دور ۾ والدين پنهنجون ذميواريون وساري ويٺا آهن، هو سمجهن ٿا ته اسڪول وڃڻ ۽ ٽيوشن پڙهڻ سان ئي ٻار ڪاميابي حاصل ڪندو آهي، پر سندن اها خوشفهمي تڏهن مايوسيءَ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي جڏهن ٽيوشن تي هزارين رپيا خرچ ڪرڻ باوجود سندن اولاد فيل ٿي پوي ٿو، ان جو سبب موروثي ذهن به هوندو آهي جيڪو کيس ورثي ۾ ملندو آهي جنهن جي تبديلي وري گهر جي فردن جي محنت سا ئي ممڪن تي سگهي ٿي، ان لاءِ والدين کي به پنهنجي ذميواري محسوس ڪرڻي پوندي والدين کي پنهنجي ٻار کي ڏسڻو پوندو ته انهن جو ٻار ڇا پڙهي رهيو آهي ٻين تي ڀاڙڻ بدران ٻار کي ڏسجي هفتيوار ٽيسٽ وٺجي ته جيئن سمجهي سگهجي ته ٻار ڪهڙي ليول تي پهتل آهي، ٻارن جي اسڪول به ضرور وڃڻ گهرجي ٻار جي پوزيشن معلوم ڪجي ته ٻار ڪيترو ذهين آهي يا اهو معلوم ڪجي ته پڙھڻ جو شوق گهٽيو آهي يا وڌيو آهي پر اڄڪلهھ جي والدين ۾ ذميواريءَ جو احساس گهٽجي ويو آهي. تعليمي ادارا قائم ته ڪيا وڃن ٿا پر صحيح معنيٰ ۾ انهن جي پرگهور نه ٿي لهجي، سرڪاري سطح تي قائم ٿيل ادارا مينهن جي واڙن ۽ وڏيرن جي اوطاقن ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا، پر سرڪار ڪڏهن مڙي به وري انهن جي جاچ نه ٿي ڪري، پرائيويٽ اسڪولن وارا وري گهڻي قدر تعليم کي ڪاروبار سمجهي هلائين ٿا، ڳريون فيون رکن ٿا جيڪي غريب جي پهچ کان وڏيون هونديون آهن، اها تعليم جي خدمت نه پر تعليم جي تباهيءَ جو ڪارڻ بڻجي ٿي2019 ع ۾ ڪورونا جي وبا ڪنهن ڪاريهر وانگر سڄي دنيا تي حملو ڪيو، جنهن سان دنيا جو نقشو ئي تبديل ٿي ويو، جتي معاشي نقصان پهتا اتي ٻارن جي نفسيات سميت تعليم به تباهه ٿي وئي، سڄي سال ۾ ٻار 50 ڏينهن به مشڪل سان تعليمي ادارن ۾ ويا، سئليبس مڪمل نه ٿيا غريب ٻارن وٽ آن لائين ڪلاس وٺڻ لاءِ وسيلا نه هئا، جنهن سبب انهن جو تمام گهڻو تعليمي نقصان ٿيو، وبا جي خوف الڳ ٻارن جي ذهنن تي منفي اثر ڇڏيا، ٻار نه صرف اسان جو آئيندو آهن پر مستقبل جي روشن خواب جي تعبير آهن، اسان جي آس ۽ اميد آهن تنهن ڪري تعليم جي اوسر لاءِ سڀ ڪنهن کي پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪندي ان کي هٿي وٺرائڻي پوندي ته جيئن ترقيءَ جا خواب ساڀيا ٿي سگهي.