ليکڪ: مارڪ لوئن
آمريڪا ۽ يورپ ۾ اختلافن جو سلسلو هلندڙ آهي ۽ افغانستان جي بڙندڙ صورتحال جي ڪري ڪجهه يورپي اڳواڻن کي صدر جوبائيڊن سان پنهنجي لاڳاپيل اميدن تي نظرثاني ڪرڻي پئجي رهي آهي، هاڻ کين هڪ اهڙي مستقبل بابت سوچڻو پئجي رهيو آهي، جنهن ۾ کين آمريڪا تي ڀاڙڻو نه پوي، ڊونلڊ ٽرمپ سان سخت گرفت واري هٿ ڏيڻ کان وٺي صدر بائيڊن جي ڪلهي تي هٿ رکڻ تائين ايمينوئل ميڪخوان جي مبارڪ ڏيڻ جي طريقي ۾ هڪ ڪهاڻي لڪل آهي، جيڪا ان ڳالهه جي عڪاسي ڪري ٿي ته يورپي يونين جا اڳواڻ آمريڪي انتظاميا ۾ تبديلي کي ڪيئن ڏسن ٿا؟ مئي 2017ع ۾ نيٽو جي سربراهي اجلاس ۾ فرانسيسي صدر پنهنجي آڱرين سان صدر ٽرمپ جي هٿ تي دٻاءَ وڌو اهو ڪو معصوماڻو عمل نه هو، صدر ميڪخوان پوءِ چيو هو ته آئون پنهنجي ٻطرفن مڪالمن ۾ ڪا ڳالهه وڃڻ نه ڏيندس، 4 سال گذرڻ کانپوءِ تازو جي-7 جي سربراهي اجلاس ۾ جتي جوبائيڊن بطور آمريڪي صدر پهريون ڀيرو شامل ٿيو، هڪ ڀيرو ٻيهر ميڪخوان ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو، جئين ئي ڪيمرون موقعي تي تصوير وٺڻ جي شروع ڪئي هو صدر بائيڊن جي ڪلهن تي پنهنجي ٻانهن رکي سمنڊ جي ساحل طرف هلندي نظر آيو، سندس حرڪت ۽ عمل ۾ تبديلي واضح هئي، ٻئي هڪٻئي سان بانهون ملائيندي نظر آيا،پر سڄي يورپ جي گادي وارن هنڌن ۾ لندن کان برلن تائين افغانستان جي معاملي جوبائيڊن جي پري واري خوش ڪندڙ شروعات کي تلخ بڻائي ڇڏيو آهي. اهو صرف افغانستان مان نڪرڻ جي ڪري نه آهي پر آمريڪا طرفان اتحادين سان ڪوآرڊينيشن جي کوٽ جي ڪري آهي، جنهن کين بيزار ڪري ڇڏيو آهي، خاص طور تي اهڙين حالتن ۾ جڏهن نيٽو مشن 36 ملڪن جي فوجن تي ٻڌل هو ۽ جن مان 3 چوٿائي غير آمريڪي هئا، ان صورتحال جي ڪري ئي افغانستان مان نڪرڻ لاءِ عالمي سطح تي هنگامي صورتحال سامهون آئي، ٻي عالمي جنگ کانپوءِ افغانستان ۾ جرمن فوجن جي مقرري ملڪ جو پهريون وڏو جنگي مشن هو، ان ڪري جن حالتن ۾ انهن جو خاتمو ٿيو، ان بابت گهري مايوسي ڏٺي وڃي ٿي، هلندڙ مهيني جي آخر ۾ ٿيندڙ چونڊن کان اڳ جرمني جي چانسلر لاءِ قدامت پسند اميدوار ارمن لاشيٽ آمريڪي نيڪالي کي نيٽو جي بنياد کانپوءِ هن وقت تائين سڀ کان وڏي شڪست قرار ڏنو آهي. چيڪ صدر ميولوس زيمان ان کي بزدلي قرار ڏيندي چيو آهي ته آمريڪين هڪ عالمي اڳواڻ هجڻ جو وقار وڃائي ڇڏيو آهي. سوئيڊن جي اڳوڻي وزيراعظم ڪارل بلڊٽ بي بي سي کي ٻڌايو ته جڏهن جوبائيڊن آيو ته اميدون تمام گهڻيون هيون، شايد تمام ئي گهڻيون ۽ غير حقيقي هيون، هن وڌيڪ چيو ته ان جو اهو چوڻ ته آمريڪا واپس اچي ويو آهي، اسان جي لاڳاپن ۾ سونهري دور طرف اشارو ڪيو هو، گذريل سال پيو ريسرچ سينٽر جي هڪ جائزي مان خبر پئي ته اهڙا جرمن شهري جيڪي آمريڪي صدر تي عالمي معاملن ۾ صحيح قدم کڻڻ تي اعتماد رکندا آهن، انهن ۾ ٽرمپ جي دور ۾ 10 سيڪڙو کان وڌيڪ جوبائيڊن جي دور ۾ اعتماد 79 سيڪڙو ٿي ويو، فرانس ۾ به اعتماد جي شرح تقريبن ايتري ئي هئي، 2019ع تائين فرانس يورپي معاملن لاءِ وزير نيٽلي لوئيسو جو چوڻ آهي ته يورپي يونين جا ڪيترائي ملڪ صورتحال کي قبول ڪرڻ کان انڪار جي حالت ۾ آهن، انهن سوچيو ته کين ٽرمپ جي دور ختم ٿيڻ تائين انتظار ڪرڻ گهرجي ۽ پوءِ اسان واپس پراڻي معمول تي هليا وينداسين، پر صورتحال اڃا اڳ واري نه آهي، مون کي اميد آهي ته اهو اسان لاءِ اهو لمحو ثابت ٿيندو جڏهن اسان کي ان ڳالهه جو احساس ٿيندو، يورپ جي اڳواڻن لاءِ آمريڪا پاران نڪرڻ جو طريقو ۽ جوبائيڊن جو بيان ته آمريڪا هاڻ ٻين ملڪن جي نئين سر تعمير لاءِ فوج نه موڪليندو، ڊونلڊ ٽرمپ جي آمريڪا فرسٽ جي پاليسي ياد ڏياري ٿو، پر جتي هڪ طرف يورپي يونين جي گادي جي هنڌن سان واشنگٽن جي رابطن ۾ کوٽ تي مايوسي آهي، اهو چوڻ اڃا وقت کان اڳ هوندو ته ان سان آمريڪا انتطاميا ۾ تبديلي تي وڏي پئماني تي خوشي واري لهر کي ڪيتري ڏکيائي ٿيندي، يورپي يونين جي پرڏيهي پاليسي جي سربراهه جوزف پوريل جي صلاحڪار ۽ هارورڊ ۾ وزيٽنگ پروفيسر نٿالي توڪي جو چوڻ اهي ته ٽرمپ جي دور ۾ بنيادي اختلافن جو پرڏيهي پاليسي جي مخصوص فيصلن سان گهٽ لاڳاپو هو ۽ اهو وڌيڪ اهم هو ته اوچتو اسان جا قدر گڏيل نه رهيا هئا، ٽرمپ ازم جو اصل ڌچڪو رڳو آمريڪا فرسٽ ئي نه هو پر ائين لڳو ٿي ته هو پيوٽن ۽ شي جهڙن اڳواڻن سان بهتر لاڳاپا رکي ٿو ۽ اهو ته افغانستان ۾ اسان هڪ ئي سوچ رکون ٿا، ان بابت ڪو سوال نه اٿيو هو، جيڪا تبديلي آئي آهي اها هيءَ آهي ته يورپ ۾ احساس پيدا ٿي رهيو آهي ته جيئن جيئن آمريڪا دنيا کان پوئتي هٽي رهيو آهي اهو آمريڪي قدرن جي تحفظ لاءِ وڌيڪ پرعزم ٿي سگهي ٿو، پر ٻين هنڌن جو ڇا ٿيندو؟ حقيقت ۾ ڪجهه ماڻهو افغانستان جي معاملي ۾ آمريڪا کي ان جي ديرينا رجحان جي تسلسل طور ته ڏسن ٿا ته اهو سڀ ڪجهه اڪيلو ئي ڪندو، نٿالي توڪي سوال ڪري ٿي ته ڇا اهو نئون آهي؟ اها شروع کان آمريڪا بابت يورپ جي شڪايت رهي آهي ۽ هاڻ آمريڪا بنا ڪنهن ڪوآرڊينيشن جي نيڪالي ڪئي آهي، اهو احساس ته يورپ اڳ به ڪئين ڀيرا ان موڙ تي آيو آهي ۽ ان احساس اسٽريٽجڪ خودمختياري بابت بحث طرف ٻيهر ڌيان موڙي ڇڏيو آهي، اهو يورپي يونين جي پرڏيهي پاليسي جو هڪ ڊگهي عرصي کان مقصد رهيو آهي، خاص طور تي فرانس جو جيڪو اڪثر آمريڪا سان وڌيڪ برابري، جاگرافيائي ۽ سياسي توازن جي خواهش رکي ٿو. اڳوڻي فرانسيسي وزير نيٽلي لوئيسو جو چوڻ آهي ته ڪجهه ٻيا ملڪ جيئن برطانيا ۽ جرمني هميشه سوچيو ته اهي گهڻو آمريڪا تي ڀاڙي سگهن ٿا ته يقينن اهي ڊڄي رهيا آهن ته وقت تبديل ٿي ويو آهي پر اسان اڪثر چيو آهي ته اسان کي نيٽو جي ڪم ڪرڻ واري طريقي تي وري غور ڪرڻ گهرجي. افغانستان جي صورتحال هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آئي جڏهن ٻين معاملن ۾ به ٽرانس ايٽلانٽڪ لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ اچي رهي آهي، جيڪي ان احساس کي وڌيڪ گهرو ڪري رهيا آهن ۽ يورپ ۾ جوبائيڊن لاءِ نرم رويو ختم ٿي رهيو آهي.يورپين مصنوعات تي ٽرمپ جي دور ۾ واپاري ٽئڪسن کي مڪمل طور تي کڻڻ ۾ سندن انتظاميا جي ناڪامي ۽ ڪووڊ ويڪسين لاءِ پيٽنٽ آڻڻ جو سندس مطالبو بظاهر يورپي يونين سان مشوري کانسواءِ ورتو ويو ۽ يورپي يونين جي ملڪن تي وبا جي ڪري لڳڪندڙ سفري پابنديون کڻڻ کان ان جي انڪار وڌيڪ اعتراضن کي جنم ڏنو، يورپين ڪميشن جي نائب صدر مارجرائيٽس شيناس جو چوڻ آهي ته هن گذريل هفتي پنهنجو آمريڪي دورو ختم ڪري ڇڏيو آهي، ۽ چيو آهي ته مون کي سفري پابندين ۾ ٻئي طرف کان گهٽتائي نه آڻڻ منصفاڻو نٿو لڳي، يورپي يونين آمريڪا کي به پنهنجي سفري پابندين ۾ محفوظ فهرست مان هٽائي ڇڏيو آهي، ڪجهه ماڻهن جي خيال ۾ اهو وڌندڙ ڇڪتاڻ طرف اشاري جي طور تي به ڏسي سگهجي ٿو، يورپي يونين جي خدشن جا 2 رخ آهن، سڀ کان پهريون اهو ته افغانستان ۾ انفرادي مهاجرن جي هڪ ٻئي بحران کي جنم ڏنو پيو وڃي جيڪو 2015ع جي ياد تازي ڪري رهيو آهي جڏهن شام ۽ ٻين هنڌن کان ڀڄي 10 کان وڌيڪ ماڻهو يورپ پهتا هئا ۽ اهو ٻيو اهو ته آمريڪا پاڻ تي گهڻو توجهه ڏنو آهي، هڪ طرف جرمني آهي جيڪو انجيلا مرڪل کانسواءِ هوندو ۽ ٻئي طرف فرانس جي صدر کي ٻيهر چونڊون آڏو آهن، اها صورتحال هڪ طاقت جو خلا پيدا ڪري ٿي، جنهن سان روس ۽ چين اڳ ئي پر ٿيل آهن، ۽ اهو به مغرب جي عيظ ۽ غضب جي پرواهه کانسواءِ بيجنگ اهڙن قدمن کي تيز ڪندو جن سان تائيوان کي خطرا لاحق آهن، ڪارل بلڊٽ جو چوڻ آهي ته هڪ وقت هو جڏهن آمريڪا عالمي نظم ۽ ضبط کي برقرار رکڻ جي ڳالهه ڪندو هو پر هاڻ اهي لفظ نه آهن جيڪي هاڻ وائيٽ هائوس مان ٻڌڻ ۾ اچن، ٽرانس ايٽلانٽڪ لاڳاپن جي بحالي جي اميد ختم ٿي رهي آهي ۽ هاڻ ان ڳالهه کي قبول ڪرڻ کانسواءِ ڪو به رستو ناهي ته آمريڪا پنهنجي راهه تي الڳ هلندو.