ليکڪ: شازيا عطا مري
سپريم ڪورٽ جي هڪ فيصلي جي نتيجي ۾ هزارين ماڻهو سرڪاري ملازمتن تان فارغ ٿي چڪا آهن، ڇو ته پ پ جي حڪومت جو مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ ايندڙ حڪومتن سرڪاري ملازمن جو ڪيس نه وڙهيو، هي اهي ملازم هئا جن کي 1997ع ۾ برطرف ڪيو ويو هو ۽ 2008ع ۾ پ پ اقتدار ۾ آئي ته انهن ملازمن کي ايڪٽ آف پارليامينٽ تحت بحال ڪيو ويو، ڇو ته انهن جي ملازمت جي بحالي جو واعدو محترمه بينظير ڀٽو شهيد ڪيو هو، مون کي ان ڳالهه سان ڪو به سروڪار ناهي ته ڪنهن پارٽيءَ جي منشور ۾ نوجوانن کي نوڪريون ڏيڻ جو نڪتو آهي به يا نه، پر منهنجي پاڪستان پيپلزپارٽي جو روٽي، ڪپڙا ۽ اور مڪان جو نعرو منشور جو بنيادي حصو آهي، جنهن تي پيپلزپارٽي اڄ به قائم آهي، ڪنهن کي ياد هجي يا نه هجي پر اسان ڪڏهن به اهو عوامي نعرو وساري نٿا سگهون ته بينظير ايندي روزگار آڻيندي، پيپلزپارٽي جا تنقيد نگار اڪثر تنقيد ڪندا آهن ته پ پ ماني، ڪپڙن ۽ گهرن جو واعدو پورو ناهي ڪيو، بنيادي رخ اهو آهي ته ماني، ڪپڙا ۽ گهر جو پهريون قدم روزگار ڏيڻ آهي، جڏهن ڪنهن فرد کي نوڪري ڏني وڃي ته ماني ۽ ڪپڙن سان گڏ گهر جي ڇت به ملي وڃي ٿي، 1988ع جو ذڪر اهي، محترمه بينظير ڀٽو شهيد منهنجي تڪ سان تعلق رکندڙ هڪ ڇوڪري کي تعليمي قابليت مطابق نوڪري ڏني هئي، جنهن تي ايم اين اي صاحب جيڪو وفاقي وزير به هو، وزيراعظم سان شڪايت ڪئي ته اوهان منهنجي تڪ مان هڪ اهڙي ڇوڪري کي وڏي نوڪري ڏني آهي، جيڪو پارٽي جو مخالف آهي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي وزير چيو ته آئون ملڪ جي وزيراعظم آهيان ۽ ملڪ جا سمورا نوجوان منهنجا ڀائر آهن، مون کي ان ڳالهه سان ڪو به غرض ناهي ته اهي منهنجي پارٽي جا ووٽر آهن يا نه، دلچسپ ڳالهه اها آهي ته محترمه بينظير ڀٽو شهيد خلاف جتي ٻيا ڪيس ٺاهيا ويا، اتي نوجوانن کي نوڪريون ڏيڻ جو ڪيس به داخل ڪيو ويو، محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي هڪ وزير انور سيف الله کي ڄاڻايل ڪيس ۾ جيل به وڃڻو پيو هو، آئون انور سيف الله کي سلام ڪيان ٿي جنهن محترمه شهيد بينظير ڀٽو خلاف واعدا معاف شاهد بڻجڻ بدران قيد ڀوڳڻ کي ترجيح ڏني هئي.منهنجي لاءِ حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته رياست جي نوجوانن جي روزي روٽي رياست تي بار ڇو بڻجي وئي آهي؟در اصل معاملو پنهنجي پنهنجي سوچ جو آهي، پاڪستان پيپلزپارٽي جي قيادت کي اهو اعزاز حاصل آهي اها جڏهن به اقتدار ۾ آئي آهي ملڪ جي نوجوانن جا روزگار جا در کوليا آهن، اسان خزانو خالي آهي وارو روئڻ به نٿا روئون، ڇو ته اسان کي عوام اقتدار ۾ آڻي ئي ان ڪري ٿو ته اسان انهن ڏکيائين کي حل ڪريون، ماڻهن جي زندگين ۾ آسانيون پيدا ڪيون ۽ رياست جي ثمر ۾ کين حصيدار بڻايو، 2008ع ۾ جڏهن پيپلزپارٽي اقتدار ۾ آئي ته (ن) ليگ جو اسحاق ڊار شاهد آهي ته ان وقت به خزانو خالي آهي، دهشتگردي عروج تي هئي پر محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي سياسي جانشين صدر آصف علي زرداري سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 100 سيڪڙو واڌ ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، سوات مان قومي جهنڊو لاهيندڙن کي ماري ڀڄايو ۽ متاثرن جي ٻيهر بحالي تائين انهن جي هر طرح جي مدد ڪئي، لکين ماڻهن جي کاڌي پيتي سان گڏوگڏ انهن جي بنيادي ضرورتن جو به خيال رکيو ويو، صدر آصف علي زرداري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي ڪروڙين رياستن تائين رياست جا ثمر پهچايا ۽ صوبن کي اين ايف سي ايوارڊ به ڏنو، سنگاپور کان گوادر واپس به ورتو ۽ قومي راهداري ٺاهڻ جو نقشو ۽ شعور به ڏنو.صدر آصف علي زرداري جي قيادت هيٺ حڪومت ۾ پرڏيهي قرض به لهي رهيا هئا ۽ بيت المال ذريعي غريبن جي مالي مدد ۽ انهن جي علاج لاءِ في ڪس 7 لک رپيا شروعاتي ۽ مڪمل علاج تائين وڌيڪ رقم جي فراهمي يقيني بڻائي وئي هئي، صدر آصف علي زرداري ملڪ جي معيشت کي صحيح دڳ ڏنو هو، سوال اهو آهي ته نيٺ ڇا ٿيو جو ملڪ جي معيشت ڊانوانڊول ٿي وئي آهي، پيپلزپارٽي جي حڪومت جو آئيني مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ بيروزگاريءَ جي ٻوڏ شروع ٿي، جيڪا سونامي جي صورت اختيار ڪري چڪي آهي، پر اسان پنهنجي عظيم قائد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي فلسفي تي يقين رکون ٿا ته سياسي جنت عوام جي قدمن ۾ آهن، اسان سرڪاري ملازمن جي فيصلي جي حوالي سان سپريم ڪورٽ ۾ وڃي رهيا آهيون ۽ اتي گذارش ڪنداسين ته جيئن ڪنسٽيٽيوشن اوينيو تي عمران خان سميت مراعت وٺندڙ فردن کي رليف ڏنو ويو ۽ اهڙي طرح سرڪاري ملازمن کي به رليف ڏنو وڃي.