ليکڪ: زاهد ابڙو
سنڌ جتي فنون لطيفا جي ٻين اهم شعبن ۾ پاڻ ملهايو آهي اتي موسيقي ۾ به سنڌ جي فنڪارن وسان ناهي گهٽايو ۽ انهن دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پنهنجي فن جو جادو جاڳايو آهي ۽ مڃتا ماڻي آهي، اهڙن فنڪارن ۾عابده پروين، محمد يوسف، محمد جمن، منظور علي خان، علڻ فقير، سجاد يوسف، منظور سخيراڻي، سرمد سنڌي، رجب علي، جلال چانڊيو، صادق فقير، شفيع فقير، مانجھي فقير، سهراب فقير، سوڍو فقير لغاري، غلام شبير سمون، ماسٽر منظور، الله داد زرداري، فوٽو خان زرداري، عاشق نظاماڻي، مِٺُو ڪَڇي، سُليمان شاھه، الله ڏنو خاصخيلي، حميرا چنا، صنم ماروي، ثمينه ڪنول، ديبا سحر، مائي ڀاڳي، مائي جيوڻي، مائي الله وسائي، تاج مستاني، روبينه حيدري، خوشبو لغاري، ثريا سومرو، شازيه خشڪ، ڪزبانو ۽ ٻيا انيڪ فنڪار اچي وڃن ٿا، سنڌ جي سڀ کان پٺتي پيل علائقو سڏيو ويندڙ ٿر جا فنڪار به انهن نالن جي لڙيءَ ۾ پويل آهن ۽ انهن ۾ پنهنجي دور جو سڀ کان اهم ۽ دادلو نالو فوزيا سومرو پڻ آهي، ٿر جي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ فوزيه سومرو، زندگي جي مختصر عرصي ۾ ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ مڃتا ماڻي وڏو نالو ڪمايو، سندس جنم ننگر پارڪر ڀرسان وِيِرا واھه لڳ ڳوٺ کارسر ۾ سن 1966ع ڌاري نَاٿَو خان سومرو جي ڪکائين گھر ۾ ٿيو. فوزيه سومرو بابت ٿَر ۽ ننگر پارڪر جيڪو سندس آبائي علائقو آهي جا ماڻهو ٻڌائين ٿا ته فوزيه جو اصل نالو حڪيما ۽ ذات ڪنڀار هئي. اهو اظهار فوزيه سومرو پنهنجي حياتيءَ ۾ به ڪيترن ئي انٽرويوز ۾ ڪري چڪي هئي ۽ چوندي هئي ته آءٌ ذات جي ڪنڀار آهيان. سومرو ذات اسان جي نُکَ ۾ شامل آهي، ان ڪري آئون فني فيلڊ موسيقيءَ جي دنيا ۾ نالو ۽ ذات فوزيه سومرو سڏائڻ شروع ڪيو، جيڪو منهنجي شهرت جو سبب ۽ سڃاڻپ بڻيو. مرحومه فوزيه جو والد نَاٿَو خان مذهبي ماڻهو ۽ سُٺي آواز جو مالڪ هو. پاڻ ميلاد، واعظن ۽ ٻين مذهبي اجتماعن ۾ مولود ۽ نعتون چوندو هو. فوزيه سومرو ننڍپڻ کان ئي پنهنجي والد کان نعتون ۽ مولود ٻڌندي هئي. جنهن ڪري کيس راڳ سان دلچسپي پيدا ٿي ۽ هن اوڙي پاڙي جي ڪاڄن ۾ سِهرا چوڻ شروع ڪيا. سندس مٺڙي ۽ سُريلي آواز کي ڏاڍو ساراهيو ويو. ان کان پوءِ هوءَ پنهنجي سهيليءَ سان گڏجي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي اچي پروڊيوسر انور بلوچ ۽ خواجا امداد سان ملي ۽ سندس آواز ۾ پهريون لوڪ گيت (پائلي) رڪارڊ ڪيو ويو. ان کان پوءِ نصير مرزا کيس ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڳائڻ جا گھڻا موقعا ڏنا. اهڙي طرح هيءَ سڄي سنڌ ۾ مشهور ٿيڻ لڳي. ان کان پوءِ هن ريڊيو پاڪستان خيرپور تان به گيت ڳائڻ شروع ڪيا. فوزيه سومرو گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان مان مئٽرڪ ڪئي ۽ فَنَ جي شوق ۾ هوءَ اڳتي نه پڙهي سگھي. فوزيه سومرو سنڌي، سرائڪي، بلوچي، مارواڙي، اردو ۽ پنجابي ٻولين ۾ ڪافي گيت ڳايا. پاڪستان کان ٻاهر به پنهنجي فَنَ جو مظاهرو ڪيائين، جنهن ۾ دبئي، ڀارت ۽ سعودي عرب شامل آهن. انهن ڏينهن ۾ فوزيه سومرو ٽي وي جو به رخ ڪيو ۽ ٽي ويءَ تي سڀ کان پهريائين کانئس بيدل مَسرور ڪلام ڳارايا. سندس ٽي وي تي سڀ کان پهريان ڪلام (جدائيءَ جي غم ۾ گذارين متان) ريڪارڊ ڪيو ويو. فوزيه سومرو 1993ع ڌاري شاعر حاجي مصري خان سٺيو سان شادي ڪئي. جنهن مان کيس هِڪ نياڻي سدره ڪِرن ڄائي. فوزيه سومرو لوڪ گيتن وسيلي تمام گھڻي مڃتا ماڻي مقبوليت حاصل ڪئي. پاڻ گھڻي قدر ٿَري لوڪ گيت ڳايائين، جنهن ڪري مائي ڀاڳيءَ کان پوءِ فوزيه ٿَري لوڪ گيت ڳائڻ جي حوالي سان ٻي مقبول فنڪاره هئي، جنهن ٿَرَ جي لوڪ گيتن کي ٿَرَ کان ٻاهر ڪڍيو. کيس سموري راجستان ۽ هندستان ۾ ٻُڌو وڃي ٿو ۽ سنڌ سميت ٿَرَ جا 70 ستر سيڪڙو ماڻهو کيس اڄ به وڏي چاھه سان ٻڌن ٿا. فوزيه سومرو هڪ سرائڪي البم فوزيه خانم جي نالي سان رليز ڪيو جيڪو پڻ تمام گھڻو مشهور ٿيو. فوزيه سومرو جو استاد غلام حسين ڪليري هو، جنهن کيس راڳ جي باقائده سکيا ڏني ۽ راڳ ڳائڻ جا سڀ گُرَ سيکاريا. فوزيه سومرو آڊيو ڪيسٽ جي دنيا ۾ به تمام گھڻو مشهور ٿي. هن 110 کان وڌيڪ آڊيو ڪيسٽون مارڪيٽ ۾ آنديون. فوزيه سومرو کي 3 ٽي ڀائر ۽ هڪ ڀيڻ هئي. سندس انهيء ڀيڻ کي ٽنڊو محمد خان ۾ گھر ۾ ڌاڙيلن قتل ڪري ڇڏيو هو. فوزيه کي سنڌي محفلن ۾ ڳائڻ سان گڏ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ٿيندڙ اردو محفلن ۾ به ڳائڻ جو موقعو مليو. هن پنهنجي دور جي چوٽيءَ جي شاعرن ۽ صوفي بزرگن جي ڪلام کي ڳايو. کيس شاھه عبداللطيف ايوارڊ، ريڊيو پاڪستان پاران ريجنل ايڪلينسي ايوارڊ، ڇٽڻ شاھه ايوارڊ ۽ مصري شاھه ايوارڊ ٻه دفعا مليو.