119

جعلي ڊوميسائلن بابت سنڌ ڪابينا جو اهم فيصلو

ايڊيٽوريل

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سمورن ڊويزنل ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته اهي گذريل ٽن سالن دوران سمورن ضلعن ۾ جاري ڪيل سڀني ڊوميسائل / پي آر سي سرٽيفڪيٽن جي جانچ پڙتال ڪن ۽ 60 ڏينهن اندر رپورٽ ڪئي وڃي ته جيئن ڊوميسائيل/پي آر سي جي غلط استعمال بابت فيصلو ڪري سگهجي ۽ اهڙي عمل کي روڪڻ لاءِ اُپاءَ ورتا وڃن. اهڙي هدايت هن اڱاري ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪابينا اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. ڪابينا صوبي جي رهائشين لاءِ خاص ڪوٽا جي ابتڙ وفاقي ۽ صوبائي تعليمي ادارن ۽ سرڪاري نوڪرين لاءِ ٻين صوبن جي رهواسين پاران سنڌ جي ڊوميسائيل/پي آر سي سرٽيفڪيٽ جي غلط استعمال جو مامرو اٿاريو. جنهن تي سنڌ جي وڏي وزير  چيف سيڪريٽري کي ھدايت ڪئي ته جن آفيسرن جعلي ڊوميسائيل / پي آر سي سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا آھن تن جو پتو لڳايو وڃي ته جيئن انھن کي مثالي سزائون ڏئي سگھجن. ياد رهي ته سنڌ جي وڏي وزير  ڊوميسائل / پي آر سي جي غلط استعمال جي جانچ ڪرائڻ لاءِ مئي 2020 ع ۾ سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي هئي. ان ڪميٽي لاڙڪاڻي، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، گهوٽڪي ۽ ڄامشورو جي چئن ضلعن ۾ ڊوميسائل / پي آر سي جاري ڪرڻ واري عمل جي جاچ ڪئي ۽ رپورٽ پيش ڪئي. رپورٽ موجب 423 ڪيسن جي جاچ ڪئي وئي ۽ انهن چئن ضلعن ۾ 154 ڪيسن کي مختلف بنيادن تي شڪي قرار ڏنو ويو. ڪابينا کي بريفنگ ڏيندي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري قاضي شاهد پرويز چيو ته سمورن ڊپٽي ڪمشنرن،  اي ڊي سيز/اي سيز کي ڊوميسائل / پي آر سي جاري ڪرڻ جي ذميواري ڏنل آهي پر ڪابه فيلڊ انڪوائري نه ڪئي پئي وڃي. ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي وئي ته ڊوميسائل / پي آر سي جاري ڪرڻ جهڙو خاص ڪم بغير ڪنهن چڪاس جي هڪ خانگي ڪمپني حوالي ڪيو ويو. اھم ڪاغذن جھڙوڪ حلف نامي جو صحيح ريت بندوبست نه ڪيو ويو ۽ ڪيتريون ئي شڪي شيون مليون. گھڻي ڀاڱي ڪاغذ گهربل ”رهائش جي ثبوت“طور تي تصديق ٿيل نه هئا. ڪابينا جي ميمبرن سان تفصيلي غور ويچار کان پوءِ سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڊوميسائل سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ خاص جاءِ لاءِ مستقبل رهائش واري ثبوت کي غلط استعمال ۾ آندو ويو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان سٽيزن شپ ايڪٽ 1951 تحت ڊوميسائل پاڪستان جي شهريت جو سرٽيفڪيٽ آهي ۽ اهو ڪنهن صوبي يا ڪنهن خاص جاءِ تائين محدود نه آهي. ساڳي ريت پاڪستان سٽيزن شپ رولز 1952 ان کي پاڪستان ۾ مستقل رهائش لاءِ اهل قرار ڏي ٿو. هن چيو ته مستقل رهائش جو سرٽيفڪيٽ (PRC) هڪ خاص علائقي ۾ رهائش جو هڪ دستاويز آهي. مراد علي شاهه ڪابينا جي منظوري سان ڊوميسائل ۽ پي آر سي جي قاعدن جو جائزو وٺڻ ۽ ترميم تجويز ڪرڻ لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي آهي. ڪميٽي ۾ روينيو وارو وزير مخدوم محبوب، آبپاشي وارو وزير ڄام خان شورو، قانوني صلاحڪار مرتضيٰ وهاب ۽ بورڊ آف روينيو جا سينيئر ميمبر شامل آهن. اسان سمجهون ٿا ته سنڌ ڪابينا اڳ جڏهن جاچ ڪاميٽي جوڙي هئي تڏهن به سڄي سنڌ ان جي ڀرپور آجيان  ۽ فيصلي جي حمايت ڪئي هئي ۽ هن وقت به وڏي وزير جعلي ڊوميسائلن بابت جيڪو فيصلو ڪيو آهي، اهو سنڌ جي عوام جو ترجمان فيصلو آهي پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اهڙن فيصلن تي نه رڳو مڪمل عمل ڪيو وڃي پر اهڙي غلط ۽ سنڌ دشمن عمل ۾ ملوث آفيسرن توڙي ملازمن کي بنا ڪنهن رک رکاءَ جي سخت سزا پڻ ڏني وڃي ته جيئن اڳتي لاءِ اهڙي عمل جي راهه روڪي سگهجي، اسان وڏي وزير ۽ سنڌ ڪابينا جي فيصلي جي آجيان ڪندي ايترو چونداسين ته سزا ۽ جزا جي عمل کي پوئتي نه هٽڻ گهرجي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو