ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گبول ٽائون ٿاڻي جي پوليس کي بفرزون سيڪٽر 15 بي واري علائقي ۾ واقع گلشير هوٽل جي ڀرسان 35 ورهين جي نامعلوم شخص جو ڳلو ڪٽيل ۽ تشدد ٿيل لاش هٿ آيو آهي جنهن کي ڇيپا جي رضا ڪارن عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو هو پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول جي وارثن جي ڳولا جاري آهي.
