115

ڪراچي: ڦر دوران مزاحمت تي 2 ڄڻا زخمي، اسپتال داخل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ماڊل ٽائون ٿاڻي جي حد ۾ واقع محمد علي جوهر موڙ وٽ نامعلوم هٿيار بندن ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي 22 ورهين جي عثمان پٽ عالمگير کي گولي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا زخميءِ کي جناح اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي اهڙي ريت شاهراه نورجهان ٿاڻي جي حد ۾ واقع نصرت ڀٽو ڪالوني ۾ پڻ نامعلوم هٿيار بندن ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي 35 ورهين جي ذوالفقار پٽ ممتاز علي کي گولي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو جنهن کي عباسي شهيد اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو