142

عوام مهانگائي سبب انتهائي تڪليف ۾ آهي، هڪ ماني جي قيمت ڪنٽرول نه ٿي ٿئي؟: عدالت

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس قيصر رشيد پولٽري ۽ لائيو اسٽاڪ قيمتن ۾ واڌ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، لاڳاپيل ڌريون ۽ وڪيل پيش ٿيا، چيف جسٽس قيصر رشيد رمارڪس ڏيندي چيو ته عوام مهانگائي سبب انتهائي تڪليف ۾ آهي، هڪ ماني جي قيمت ڪنٽرول نه ٿي ٿئي؟، پولٽري، لائيو اسٽاڪ ۽ ٻين شين جي قيمتن ۾ روز واڌ جون خبرون اچن ٿيون، عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ قدم کنيا وڃن،  هڪ هفتي جو ٽائيم ڏيان ٿو، سمورا اسٽيڪ هولڊر گڏجي ويهن ۽ قيمتون طئي ڪن، مهانگائي سبب عوام تڪليف ۾ آهي، هن وڌيڪ رمارڪس ڏيندي چيو ته عوام جون مشڪلاتون گهٽ ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن، هڪ هفتي جي مهلت ڏيان ٿو، قيمتن تي ڪنٽرول جي رپورٽ ڏيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو