117

ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نئون موڙ، مريم نواز ۽ صفدر جي وڪيل پاران ڪيس جي پيروي کان معذورت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ هلندڙ  ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نئون موڙ اختيار ڪري ويو آهي، مريم نواز ۽ ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر جي وڪيل ڪيس جي پيروي ڪرڻ کان معذورت ڪري ڇڏي آهي، رپورٽ موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ مريم نواز ۽ ڪئپٽن (ر) صفدر جي سزا خلاف اپيلن جي ٻڌڻي ٿي، مريم نواز ۽ ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر عدالت ۾ پيش ٿيا، سندن وڪيل امجد پرويز پيش نه ٿيو، جڏهن ته ڪيس جي پيروي ڪرڻ کان به معذرت ڪري ڇڏي آهي، مريم نواز روسٽرم تي اچي ٻڌايو ته منهنجو وڪيل ڪورونا جي ڪري بيمار آهي، ٻن ڏينهن اڳ ۾ منهنجي ڪيس ۾ وڌيڪ وڪالت ڪرڻ کان معذرت ڪري ڇڏي آهي، مان هتي پٽيشن داخل ڪرڻ چاهيان ٿي، منهنجي اپيل ٻڌڻ کان پهرين ميرٽ جي بدران ان پٽيشن کي ٻڌو وڃي، مان ڪجهه حقيقتون هڪ ٻي پٽيشن ذريعي سامهون آڻڻ چاهيان ٿي،  ٻيو وڪيل ڪرڻ لاءِ مهينو مهلت ڏني وڃي، ڪيس بابت سموريون حقيقتون عوام آڏو آڻينديس، جنهن کانپوءِ عدالت مريم نواز کي ٻيو وڪيل ڪرڻ جي لاءِ 23 سيپٽمبر تائين مهلت ڏئي ڇڏي، عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته شهباز شريف پارٽي صدر آهي، جيڪڏهن پارٽي کيس وزيراعظم نامزد ڪري ٿي ته حمايت ڪنداسين،  مان پهريان اهو ڄاڻڻ چاهيان ٿي ته مون تي ڪيس ڇو ۽ ڪنهن ڪيو، ان جي پويان ڪير آهي. مريم نواز کان سوال ڪيو ويو ته چوڌري نثار موجب پيپلزپارٽي سٺي سياست ڪري رهي آهي، جنهن تي مريم نواز چيو ته مان ان کي ڪوبه ڪمينٽس نه ٿي ڪرڻ چاهيان، مان ان ڳالهه کي ڪمينٽس جي قابل نه ٿي سمجهان، هن چيو ته جڏهن اليڪشن جو اعلان ٿيندو، تڏهن نواز ليگ پنهنجي وزيراعظم جي نالي جو اعلان ڪندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو