راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان يورپي يونين جي سفير اندرولا ڪامينارا ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ يورپي يونين ۽ پاڪستان جي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ سميت اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون، يورپي يونين جي سفير افغانستان ۾ پاڪستان جي ڪردار ۽ اتان ماڻهن کي ڪڍڻ ۾ ڪاميابي کي ساراهيو، ان موقعي تي ڳالهائيندي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته پاڪستان يورپي ملڪن سان لاڳاپن کي اهميت ڏئي ٿو، گڏيل مفادن تي ٻڌل لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جا خواهشمند آهيون.
