هنگو (ويب ڊيسڪ) هنگو ۾ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان جا 9 دهشتگرد گرفتار ڪيا ويا آهن، رپورٽ موجب هنگو ۾ سي ٽي ڊي ۽ حساس اداري رحمت شاهه بانڊه افغان مهاجر ڪئمپ ۾ ڪارروائي ڪئي، گڏيل ڪارروائي دوران پابندي مڙهيل تنظيم جا 9 دهشتگرد گرفتار ڪيا ويا آهن، دهشتگردن جي قبضي مان 3 ڪلاشنڪوف، هڪ رائيفل، 2 آر پي جي، 14 آر پي جي گولا، 529 ڪارتوس، 18 ميگزين، هڪ هينڊ گرنيڊ ۽ هڪ عدد نمبر پليٽ کانسواءِ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي، گرفتار ڪيل دهشتگردن ۾ اتر وزيرستان جا رهواسي سيد رياض، رسول محمد، سعد الله ضلعي بنون جا رهواسي، مسعود احمد، حبيب الله، عمر ۽ مغفور الله شامل آهن، جڏهن ته لڪي مروت جو رهواسي فواد خان، ضلعي مهمند جي رهواسي حجت الله کي گرفتار ڪيو ويو آهي، گرفتار ڪيل دهشتگردن جي خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري خصوصي جاچ ٽيم مقرر ڪئي وئي آهي.
