اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي مارڪيٽ ريسرچ ۽ ڪنسلٽنگ فرم پاڪستان ۾ مهانگائي بابت 11 سئو ماڻهن جي سروي ڪئي آهي، جنهن ۾ اڪثر ماڻهن اهو چيو آهي ته مهانگائي ۽ بيروزگاري پاڪستان جو سڀ کان اهم مسئلو آهي، ايندڙ 6 مهينن دوران معيشت ڪمزور رهندي، ڪورونا کي اهم مسئلو قرار ڏنو ويو آهي، رپورٽ چيو ويو آهي ته 74 سيڪڙو شهرين پنهنجي نوڪري بابت عدم تحفظ جو اظهار ڪيو آهي، خراب مالي صورتحال باوجود شهرين جي اعتماد ۾ بهتري نظر آئي آهي.
113