111

طالبان جي نئين حڪومت تي خدشن جو اظهار، واعدو پورو ناهي ڪيو ويو: يورپي يونين

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) يورپي يونين افغانستان ۾ طالبان جي نئين حڪومت تي خدشن جو اظهار ڪري ڇڏيو، يورپي يونين چيو آهي ته طالبان جيڪو واعدو ڪيو هو، اهو پورو ناهي ڪيو ويو، يورپي يونين جي ترجمان چيو آهي ته  افغانستان ۾ طالبان جي نئين حڪومت جامع ناهي، مختلف گروپن جي نمائندگي جو واعدو ڪرڻ ۾ ناڪام ويا، نالن مان پتو پوي ٿو ته  افغانستان جي نسلي ۽ مذهبي حوالي سان جامع ۽ نمائنده حڪومت نظر نه ٿي اچي، هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته جهڙي حڪومت جي اسان اميد ڪري رهيا هئاسين يا جنهن جو طالبان واعدو ڪيو هو، اهو پورو نه ڪيو ويو، يورپي يونين جي 27 ملڪن طالبان سان رابطو وڌائڻ لاءِ 5 شرط رکيا هئا، هڪ جامع ۽ نمائنده عبوري حڪومت جو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو