ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم واري صوبائي وزير سردار شاهه چيو آهي ته خانگي اسڪولن ۾ ٻارن کي انگريزي کانسواءِ ڪجهه به نه ٿو اچي، سائنس ۽ ڪيمسٽري جو پتو ئي ناهي، ڪراچي ۾ تعليم کاتي سنڌ ۽ جائيڪا گڏيل طور تي ايڊوانس ڪوالٽي الٽرنيٽو لرننگ پراجيڪٽ جي شروعات ڪئي، جنهن جو مقصد عورتن ۾ تعليم کي هٿي ڏيڻ آهي، ان حوالي سان خصوصي تقريب کي خطاب ڪندي تعليم واري صوبائي وزير سردار شاهه چيو ته آرٽيڪل 25 تحت ٻارن کي مفت تعليم فراهم ڪرڻي آهي، اسان وٽ پئسن جي نه انساني وسيلن جي کوٽ آهي، سرڪاري اسڪول ان ڪري بند آهن ته اتي استاد موجود ناهن، انهن جي کوٽ کي جلد پورو ڪيو ويندو، سردار شاهه وڌيڪ چيو ته استاد مقرر ڪري بند اسڪول کولرائينداسين، استاد اسڪولن ۾ هوندا ته پوءِ اسڪول ڪڏهن به بند نه ٿيندا، ٻئي طرف سنڌ حڪومت ڪوھستان جي 4 ھاءِ اسڪولن کي ھائير سيڪنڊري ۽ 11 ايليمنٽري اسڪولن کي ھاءِ اسڪول جو درجو ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. اهڙو اعلان اقليتن معاملن واري وزير گيانچند ايسراڻي ۽ تعليم کاتي جي وزير سيد سردار شاهه ۾ ٿيل ملاقات دوران ڪيو ويو.گرلس هاءِ اسڪول ٿاڻو بولا خان، بوائز ھاءِ اسڪولز سري، ٿاڻو احمد خان ۽ ڪلو کوھر کي ھائير سيڪنڊري اسڪول جو درجو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته مول، ٿاڻي عارب خان، ڪرچات، مھندا پالاري، واھي عارب خان، حافظ ابراهيم ٻرو، سومار خاصخيلي سري، گرلس ايليمنٽري اسڪول ۽ بوائز ايليمنٽري اسڪول رئيس وليداد جوکيو سميت 11 ايليمنٽري اسڪولن کي ھائي اسڪول جو درجو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ملاقات ۾ ڪوھستان۾ بند پيل اسڪول کولرائڻ، مقامي استادن جي ڀرتي، فرنيچر ۽ اسڪولن ۾ مسنگ سھولتن پورائي تي پڻ غور ڪيو ويو. ان موقعي تي گيانچند ايسراڻي تعليم واري وزير کي درخواست ڪئي ته ڪوھستان جي اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ ۽ سهولتن جي اڻ هوند کي پورو ڪيو وڃي ۽ بوائز ايليمنٽري ۽ بوائز پرائمري اسڪول ٿاڻو بولا خان، بوائز پرائمري اسڪول ملھ پالاري جو رڪيل مرمتي ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي. صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي چيو ته اسڪولن ۾ سھولتن جي اڻ هوند سبب شاگردن جي پڙهائي سخت متاثر ٿي رھي آھي، جڏهن ته استادن جي کوٽ سبب ڪيترائي اسڪول بند پيل آهن. ھن چيو ته ڪوھستان ۾ سخت موسم ۽ ڏکين رستن جي ڪري ٻين علائقن جا استاد ۽ عملو ھتي مقرري ۾ دلچسپي نه ٿو رکي تنھن ڪري مقامي استاد ڀرتي ڪيا وڃن ته جيئن بند پيل اسڪول کولرائڻ۾ آساني ٿئي. ان موقعي تي تعليم واري وزير سردار شاھ ڪوھستان جي اسڪولن ۾ فرنيچر ، لائيبريري، سائنس ۽ ڪمپيوٽر ليب ڏيڻ جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته ڪوھستان جي اسڪولن جي مرمت سميت ڏورانهن علائقن۾ سولر پينل ڏنا ويندا.
