129

ٻيلن جي حفاظت لاءِ 2 ماڻهو ۽ ختم ڪرائڻ لاءِ لشڪر بيٺل آهن، سرڪاري پاليسيون ناڪام آهن:هاءِ ڪورٽ

سکر (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ٻيلي کاتي جي زمين تي قبضي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي ڊي جي نيب کي حڪم ڏنو آهي ته قبضو ڪندڙن خلاف فوري انڪوائري ڪئي وڃي، عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو آهي ته اها بدقسمتي آهي ته ٻيلن کي بچائڻ لاءِ رڳو 2 ماڻهو بيٺل آهن پر ختم ڪرڻ لاءِ لشڪر آهن، گذريل ڏينهن جسٽس ظفر احمد راجپوت ۽ جسٽس امجد علي سهتو ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل سنڌ، چيف ڪنزرويٽر ۽ ٻيا پيش ٿيا، عدالت ٻيلا ڪٽجڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جسٽس امجد علي سهتي رمارڪس ڏنا ته سنڌ ۾ ٻيلا مڪمل طور تباهه ڪيا ويا آهن، ٻيلن جي ڪٽجڻ سبب ماحول خراب ٿي رهيو آهي، برساتون نه پيون پون، جسٽس محمد ظفر راجپوت چيو ته ٻيلي کاتي جي 28 لک ايڪڙ زمين ڇا پوزيشن آهي، ڪو ٻڌائڻ وارو ناهي، سنڌو درياهه ۾ 2 هزار ايڪڙن تي ٻڌل ڍنڍ ختم ڪري ان تي قبضو ڪيو ويو آهي، سائبريا کان هزارين پکي ان ڍنڍ تي ايندا هئا جنهن تي چيف ڪنزرويٽر عدالت کي ٻڌايو ته ڍنڍ تان قبضو ختم ٿي ويو آهي، عدالت ڪنزرويٽر کان پڇاڻو ڪيو ته قبضو ڪندڙن خلاف ڪهڙا قدم کنيا ويا آهن، عدالت جي سوال تي چيف ڪنزرويٽر جواب نه ڏئي سگهيو ۽ خاموش ٿي ويو، جنهن بعد عدالت فوري طور تي ڊي جي نيب کي طلب ڪري ورتو ۽ پڇاڻو ڪيو ته نيب قبضو ڪندڙن خلاف انڪوائري تي ڇو خاموش آهي؟ عدالت رمارڪس ڏنا ته سياسي ماڻهن خلاف جلد ڪارروائي ڪئي وڃي ٿي، معاملو ڪنهن جي خلاف جاچ کان اڳ ئي ڊيل تي وڃي پهچي ٿو، قابض ايترا بااثر آهن جو انهن خلاف ڪارروائي ناهي ڪئي وئي، بدقسمتي سان چوڻو ٿو پوي ته اڳوڻي چيف ڪنزرويٽر ٻيلي کاتي جي زمينن تي قبضو ڪيو آهي ۽ ڪيلي جا باغ لڳايا آهن. اٽارني جنرل عدالت کي گذارش ڪئي ته اجازت ڏني وڃي ته جيڪي پاليسيون ٺهيل آهن، انهن تي عمل ڪرايون، جنهن تي عدالت رمارڪس ڏنا ته توهان جون پاليسيون مڪمل طور ناڪام ٿي ويون آهن، قبضا ختم ڪرائڻ چاهيو ٿا ته نئون ايڪٽ آڻيو اوهان جي حڪومت آهي، موجوده ايڪٽ تحت اسان ڪيئن اجازت ڏينداسين ته اوهان ماڻهن کي ٻيهر زمينون واپس ڏيو ۽ ٻيلا ختم ڪيو،  عدالت چيو ته ٻيلا بچايو اهي هر جاندار لاءِ اهم آهن، جنهن بعد ٻڌڻي 12 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو