116

ڪراچي مهراڻ ٽائون ۾ فيڪٽري سانحي ۾ مالڪ سميت سنڌ جا لاڳاپيل ادارا به ذميوار قرار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مهراڻ ٽائون ۾ فيڪٽري سانحي ۾ فيڪٽري مالڪن سميت سنڌ جا لاڳاپيل ادارا به ذميوار قرار، رپورٽ موجب ڪراچي جَي علائقي مهراڻ ٽائون ۾ فيڪٽري سانحي ۾ فيڪٽري مالڪن سميت سنڌ جا لاڳاپيل ادارا به ذميوار قرار ڏنا ويا آھن، عدالت چيو آهي ته ڪيس ۾ لاڳاپيل کاتن کي شامل نه ڪرڻ متاثرن سان ناانصافي هوندي. سنڌ هاءِ ڪورٽ فيڪٽري مالڪن جي ضمانت واري درخواست تي لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آھي، عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته رهائشي پلاٽ تي غير قانوني فيڪٽري قائم ڪئي وئي. خوفناڪ حادثي ليبر کاتي،  سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي، ڪي ايم سي ۽ ٻين ادارن جي ڪارڪردگي وائکي ڪري ڇڏي، فيڪٽري ۾ انساني جانيون بچائڻ لاءِ ايمرجنسي سهولت نه هئي، فيڪٽري جو مک گيٽ بند هجڻ سبب 17 انساني جانيون ضايع ٿي ويون. عدالت چيو ته فائر برگيڊ عملو دير سان پهتو، پاڻي جي کوٽ ۽ عملي جي کوٽ به سانحي جو ڪارڻ قرار ڏنو ويو

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو