139

جماعت اسلامي سنڌ پاران مٽياري ۾ رٿيل جلسي جون تياريون

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)جماعت اسلامي سنڌ پاران جمعي 10 سيپٽمبر تي مٽياري ۾ رٿيل عوامي جلسه عام جون تياريون عروج تي پهچي ويون آهن،  جنهن کي امير جماعت اسلامي پاڪستان سراج الحق، صوبائي امير محمد حسين محنتي ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا. ان سلسلي ۾ جماعت اسلامي سنڌ جي نائب امير حافظ نصرالله چنا ۽ مٽياري ضلعي جي امير فقير محمد لاکو پاران اڳوڻي ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ ۽ پير بهاءُ الدين سرهندي سان ملاقات ڪري جلسي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي. جماعت اسلامي سنڌ جي ترجمان مجاهد چنا  پاران جاري پڌرائي موجب مرڪزي امير سراج الحق جو 10 سيپٽمبر تي سنڌهڙ موري تي شاندار استقبال کان پوءِ کين وڏي قافلي جي شڪل ۾ جلسه گاه آندو ويندو. هوڏانهن ضلعي امير فقير محمد لاکو جلسي گاهه پهچي انتظامن جو جائزو وٺي حتمي شڪل ڏني.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو