لاهور (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته وزيراعظم ۽ سندس ٽيم تقررين کانسواءِ ڪجهه ناهي ڪيو، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته ڪو هڪڙو ڪم ٻڌايو جيڪو پي ٽي آءِ حڪومت عوامي ڀلائي لاءِ ڪيو هجي، پوليس ۾ سڌارا آڻڻ جون ڳالهيون ڪيون ويون هيون، جيڪي خبر ناهي ڪيڏانهن ويون، هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته هر 6 مهينن کانپوءِ پنجاب ۾ آءِ جي ۽ چيف سيڪريٽري بدلي ڪرڻ سان سڌارو نه ايندو.
107