ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ڪراچي واسين کان بلن وسيلي نئون ٽيڪس وٺڻ جي تياري ڪري ورتي، سنڌ حڪومت ڪي اليڪٽرڪ بلن وسيلي ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن (ڪي ايم سي) جو فائر ۽ ڪنزرووينسي ٽيڪس وصل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ جي صدر ھيٺ ٿيندڙ ڪي اليڪٽرڪ ۽ ڪي ايم سي جي اجلس ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي بلن ذريعن ڪي ايم سي ۽ ڊي ايم سيز جي ٽيڪس وصولي جي تجويز تي فيصلو ڳالھھ ٻولھھ ڪئي وئي. اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ جو چوڻ ھو تھ ڪي ايم سي مختلف ڪيس جا 13 ٽيڪس وصول ڪندي آھي، ڪي ايم سي انھيءَ وقت فائر ٽيڪس ۽ ڪنزروينسي ٽيڪس سان ساليانو 21 ڪروڙ روپيا وصول ڪندي آھي. تجويز ۾ ٻڌايو ويو آھي تھ ڪي اليڪٽرڪ ۽ ڪي ايم سي جا ھي ٻھ ٽيڪس 25 لک واھپيدارن کان وصول ڪندي، جيڪڏھن وصولي جو اھو معاھدو طئھ ٿي ويو تھ ڪي ايم سي کي ساليانو 9 ارب رپيا ملندا. تجويز موجب انھيءَ طرح ڪي ايم سي مالي طور تي مضبوط ٿي ويندي ۽ بھتر طريقي سان ترقياتي ڪم ڪري سگھندي، جيڪڏھن ڪي اليڪٽرڪ ۽ ڪي ايم سي ۾ وصولي جو معاھدو ٿي وڃي ٿو تھ ڪي اليڪٽرڪ بل سان گڏ ڪي ايم سي جي ٽيڪس بھ آسان ادا ٿي ويندا.
107