118

ڀارت ۾ چيتي ۽ ٻلي ۾ ٿيندڙ ويڙهه جي وڊيو وائرل

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ چيتي ۽ ٻلي ۾ ٿيندڙ ويڙهه جي وڊيو وائرل ٿي آهي، رپورٽ مطابق ڀارتي رياست مهاراسٽرا ۾ چيتو ۽ ٻلي کوهه ۾ ڪري پيا، ٻنهي ڪپر تي ويڙهه ڪئي، ٻلي چيتي سان مهاڏو اٽڪائي بيهي رهي ۽ کيس پنهنجو شڪار ڪرڻ نه ڏنو، کوهه جي مٿان بيٺل ماڻهن وڊيو رڪارڊ ڪئي، جيڪا سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آهي، هوڏانهن جھنگلي کاتي جي عملدار مطابق ٿڪجي چيتي ٻلي کي ڇڏي کوهه مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ٻنهي کي بعد ۾عملدارن پاران ريسڪيو ڪيو ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو