129

وفاقي حڪومت اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين بابت اليڪشن ڪميشن جا اٿاريل اعتراض هڪ طرفا قرارڏئي رد ڪري ڇڏيا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين بابت اليڪشن ڪميشن جا اعتراض رد ڪري ڇڏيا آهن. ان سلسلي ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير شبلي فراز پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اليڪشن ڪميشن 37 نقطن تي اعتراض ڪيو آهي جن مان 27 نقطن جو اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين سان واسطو ئي نه آهي، پر اهي اليڪشن ڪميشن جي ڪم ڪرڻ جي سگهه سان لاڳاپيل آهن. انهن 27 نقطن کي منهن ڏيڻ اسان جو ڪم نه آهي.  رڳو 10 نقطن جو واسطو اليڪٽرانڪ مشين سان آهي . هن چيو ته اسان اليڪشن ڪميشن کي جڏهن ووٽنگ مشين بابت بريفنگ ڏني ته ان مشين جي ڪم جو سڌي ريت عملي مظاهرو به ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ووٽنگ مشين جي نوجوانن پڻ پذيرائي ڪئي آهي.ڌانڌلين جون شڪايتون ختم ڪرڻ جي لاءِ ووٽنگ ۾ ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال ڪرڻ لازمي ٿي پيپ آهي، االيڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي مخالفت ڪندڙ نه ٿا چاهين ته چونڊون شفاف ٿين. ٻي پاسي ذريعن ٻڌايو آهي ته  اليڪشن ڪميشن جي عملدارن جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جي عملدارن سان ملاقات ۾ ۾ وزارت جي ٽيڪنيڪل ٽيم اليڪٽرانڪ مشين بابت بريفنگ ۽ اعتراضن جا جواب پڻ ڏنا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو