113

ٻيون پارٽيون اشارن تي ٿيون هلن، اسين پنهنجا ڪارڊ وقت اچڻ تي استعمال ڪنداسين: بلاول ڀٽو

ملتان (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ  جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته ٻيون پارٽيون اشارن تي ٿيون هلن، اسين پنهنجا ڪارڊ سنڀالي ويٺا آهيون، جيڪي وقت اچڻ تي استعمال ڪنداسين. اهڙو اظهار هن هتي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته هن وقت ملڪ ۾ اپوزيشن رڳو پيپلز پارٽي پئي ڪري، جڏهن به چونڊون ٿينديون ته جيالا ئي حڪومت ۾ ايندا،  پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ مختلف سياسي اڳواڻن جي شامل ٿيڻ سان ٻين پارٽين ۾ ڦڙڦوٽ پئجي رهي آهي. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته افغانستان جي مسئلي تي وزيراعظم عمران خان اڪيلو ٿيل آهي، افغان ۽ ٻيا معاملا پارليامينٽ ۾آڻڻا پوندا. ميڊيا ڊويلپمينٽ اٿارٽي واري بل جي معاملي تي ته حڪومتي اتحاد به وزيراعظم عمران خان سان گڏ نه آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو