128

ملڪ ۾ ڪورونا سبب 83 ڄڻا فوت، سنڌ ۾ 43 ڄڻن دم ڏنو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي چوٿين لهر جا وار جاري آهن، وڌيڪ 83 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 3902 ڄڻا عالمي وبا ۾ وٺجي ويا آهن، رپورٽ موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 60 هزار 537 ٽيسٽون ڪيون ويون، پازيٽو ڪيسن جي شرح ساڍا 6 سيڪڙو رهي، هوڏانهن سنڌ ۾ اسپتالن ۾ آپريشن تي لاڳو ڪيل پابندي ختم ڪئي وئي آهي، هوڏانهن گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 43 مريض فوت ٿيا ۽ فوتين جو تعداد 7073 ٿي ويو آهي جڏهن ته 19945 ٽيسٽون ڪرائڻ سان 1210 نوان ڪيس سامهون آيا. اهڙو اظهار سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اربع ڏينهن وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ڪورونا سبب وڌيڪ 43 مريض فوت ٿيا ۽ فوتين جو تعداد 7073 تائين پهچي ويو آهي جيڪو فوتين جو 1.6 سيڪڙو آهي. مراد علي شاهه چيو ته 19945 ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان 1210 ڪيس ظاهر ٿيا  جيڪي 6 سيڪڙو موجوده تشخيصي شرح آهن. هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 5680000 ٽيسٽون ڪيون ويون آهن جن جي نتيجي ۾ 440980 ڪيسن جي تشخيص ڪئي وئي انهن مان 87.4 سيڪڙو يعني 385495 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صحتياب ٿيندڙ  1126 مريض پڻ شامل آهن. وڏي وزير چيو ته هن وقت 48412 مريض علاج هيٺ آهن انهن مان 47554 گهرن ۾، 43 آئسوليشن سينٽرن ۾ ۽ 815 مختلف اسپتالن ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 718 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي جن ۾ 65 کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آهي. بيان موجب 1210 نون ڪيسن مان 617 ڪراچي جا آهن جن ۾ ضلع اوڀر 239، ضلع ڏکڻ 168، سينٽرل 84، ملير 56، اولهه 36 ۽ ڪورنگي 34 شامل آهن. حيدرآباد ۾ 173، بدين 50، ٺٽو 47، مٽياري 36، شهيد بينظير آباد 33، ٿرپارڪر 31، ٽنڊو محمد خان 30، عمرڪوٽ 27، دادو 24، ميرپورخاص 21، ٽنڊوالهيار 17، ڄامشورو 15، سکر 10، گهوٽڪي ۽ ڪشمور 9-9، لاڙڪاڻو 5، خيرپور ۽ سانگهڙ 2-2 ۽ نوشهروفيروز ۽ شڪارپور 1-1 ڪيس رپورٽ ٿيو آهي. مراد علي شاهه صوبي جي عوام تي زور ڀريو آهي ته حڪومت پاران جاري ڪيل ايس او پيز تي عمل ڪن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو