121

شاهه لطيف ڀٽائي جي عرس جون تقريبون ڪورونا سبب ملتوي، سمورا پروگرام ڪراچي ۾ ٿيندا

مٽياري (ويب ڊيسڪ) ڪورونا سبب شاهه لطيف ڀٽائي جي سالياني عرس مبارڪ جون تقريبون ملتوي ڪيون ويون آهن. ڊي جي ثقافت جو چوڻ آهي ته ڪورونا ڦهلجڻ جي خطري سبب شاھ لطيف جو عرس هن دفعي به ملتوي ڪري ڇڏيو آهي، سمورا پروگرام ڪراچي ۾ ٿيندا، هن چيو ته عرس جون تقريبون محدود ڪيون ويون آهن جيڪي ڪراچي ۾ ٿينديون، جلد نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو .

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو