127

ڇا تبديلي ان کي چئبو آهي..؟؟

ليکڪ: مستجاب نذير ڌوڪي

اسلام آباد اقتدار جو شهر آهي، هتي سازش کي وسيع تر قومي مفاد جو نالو ڏيڻ جو رواج رهيو آهي، اقتدار جي ايوانن ۾ ڪيون ويندڙ سرگوشيون ميڊيا جي مٿي جي زينت بڻجي وڃن ٿيون، پر اها شعور جي جدت آهي يا قدرت جو انصاف ته خدا جي خلق جي راءِ تبديل ٿي رهي آهي، گذريل 32 سالن کان ڳالهايل ڪوڙ ڪاريگرن جي چهرن تي زوردار چماٽون بڻجي وسي رهيا آهن، گذريل 5 سالن جي حڪومت ۽ موجوده نيازي سرڪار جي ڪارڪردگيءَ خدا جي خلق کي جهنم جو نظارو ڪرائي ڇڏيو آهي، ڇو ته سرڪاري ملازم ته سرڪاري ملازم، پر ماڻهن جي سفيد پوشي جو ڀرم به عملي طور ٽٽي چڪو آهي، منهنجي يونيورسٽي جو هڪ پروفيسر ليڪچر ڏيڻ کانپوءِ جڏهن ڪلاس روم مان وڃڻ لڳو ته چيائين ته پٽ زرداري صاحب کي ٻيهر حڪومت ۾ آڻيو، بس اهو ئي ملڪ جا معاملا ٺيڪ ڪري سگهي ٿو. ڪنهن ٻئي جي وس جي ڳالهه نه آهي، مون کيس چيو ته رهڻ ڏيو سائين اوهان ان سان ڪهڙو سٺو سلوڪ ڪيو آهي، سندس ڀيڻ فريال ٽالپر کي به جيل ۾ رکيو، اڃا تائين ليڪو ڪٽي رهيا آهيو ته آصف زرداري ملڪ کي لٽيو آهي، پروفيسر چوڻ لڳو ته مون اڇا وار اس ۾ ناهن ڪيا، منهنجو تجربو چوي ٿو ته ملڪ لٽڻ وارا پنهنجي خوشحالي لاءِ ڦرمار ڪن ٿا ۽ ملڪ مان ڀڄي وڃن ٿا، بي بي توهان زرداري ته سخت بيمار هجڻ باوجود علاج لاءِ ٻاهر به ناهي ويو، جڏهن ڳالهه ٻولهه ڊگهي ٿيڻ لڳي ته چوڻ لڳو جن کي ان بحث سان دلچسپي آهي جيڪڏهن انهن جو پيرڊ خالي آهي ته آفيس هليا اچن. اسان 7 ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ان وٽ وياسين، ويهندي ئي چوڻ لڳو ته ڪجهه مهينن کانپوءِ توهان ڊاڪٽر جي ڊگري وٺي يونيورسٽي مان هليا ويندئو جيڪڏهن زرداري صاحب جي حڪومت آئي ته اوهان کي نوڪري به ملندي، نه ته هاڻ کان ئي غير ملڪي ويزا جي درخواست ڏئي ڇڏيو يا پاڻ کي پڪوڙن جو دڪان کولڻ لاءِ تيار رکو. اوهان چوندئو ته آئون توهان کي ڊيڄاري رهيو  آهيان، يا آئون زرداري صاحب جو ايجنٽ آهيان، حلفيه چوان ٿو ته آئون نه ان جو ايجنٽ آهيان، نه ئي ڪڏهن ساڻس مليو آهيان، آئون ته انهن ۾ شامل آهيان جيڪي ٻڌل ٻڌايل ڳالهين تي يقين ڪندي چوندا هئا ته زرداري صاحب خراب آهي، ملڪ ۾ ڪرپشن آهي، منهنجو پٽ جيڪو سرڪاري ملازم آهي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي حڪومتي دور ۾ 11 هين اسڪيل مان 17 هين گريڊ جو آفيسر ٿيو، سندس پگهار ۾ 200 سيڪڙو واڌ ٿي ته پٽ جي مدد سان ڌيئرن جي هٿن تي ميندي هڻي وڏي شان کين رخصت ڪيو، هاڻ 7 سالن کان نه منهنجي پگهار وڌي آهي نه پٽ جي، مٿئين گريڊ ۾ ترقي ٿي آهي، منهنجو پنهنجو پٽ هاڻ چوي ٿو ته هڪ طرف مهانگائي آهي، ٻئي طرف ٻارن جي فيس، ٽئين طرف يوٽيلٽي بل، بيگم شگر ۽ بلڊ پريشر جي مريض آهي، جنهن لاءِ مهانگيون دوائون وٺڻ کانپوءِ قرض وٺڻو پوي ٿو، پروفيسر جون ڳالهيون ٻڌڻ کانپوءِ مون پنهنجي شاگرد ساٿين کي چيو تبديلي جو مزو آيو، 4 ساٿين چيو ته والدين چيو آهي ته اسان پيٽ جو دوزخ ڀريون يا توهان کي پڙهايون، گهڻو ٿي چڪو توهان پڪوڙن جو دڪان کوليو يا سبزي وڪڻو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو